عمران خان جا الزام رد، پوليس تي گولي هلي ته جواب گولي سان ئي ڏينداسين: آءِ جي پنجاب

لاهور (م ڊ) آءِ جي پنجاب عثمان انور چيو آهي ته جيڪڏهن پوليس تي گولي هلندي ته جواب گولي سان ئي ڏنو ويندو. عثمان انور پوليس لائنز ۾ خطاب ڪندي چيو ته عمران خان جي پوليس تي لڳايل
الزامن ۾ ڪا سچائي ناهي، کيس قتل ڪرڻ جي ڪا رٿابندي ناهي ٿي، اسان ڪنهن شهري کي نقصان پهچائڻ جو سوچي به نٿا سگهون. هن چيو ته عمران خان جي الزامن جو هر سطح تي مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، جڊيشل ڪميشن هجي يا ڪنهن سطح تي جاچ، پنهنجي ٽيم سان گڏ جواب ڏينداسين، پوليس وارا ڏوهي نڪتا ته انهن کي سزا نه ته الزام هڻندڙ کي سزا ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته هر شهري کي تحفظ فراهم ڪرڻ پوليس جو فرض آهي، جلسي ۽ جلوس ۾ پوليس تحفظ فراهم ڪندي، پوليس تي گولي هلي ته گولي سان جواب ڏينداسين، ڪو دهشتگرد هجي ته ان کي نه ڇڏينداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں