نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي پارليامينٽ اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارتي پارليامينٽ گذريل ڏينهن ڀارتي عدالت طرفان ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪيس ۾ ڏوهي قرار ڏيڻ جي فيصلي کانپوءِ راهول گانڌي کي نااهل قرار ڏنو. ڪانگريس اڳواڻ 2019 ۾ هڪ چونڊ ريلي دوران مودي سرنيم بابت بيان ڏنو هو، گذريل ڏينهن عدالت راهول گانڌي کي ٻه سال قيد جي سزا ٻڌائي فوري طور ضمانت منظور ڪري ورتي هئي. واضح رهي ته راهول گانڌي ڀارتي رياست ڪيرالا مان لوڪ سڀا (ننڍي ايوان) جو ميمبر چونڊيو هو، لوڪ سڀا سيڪريٽريٽ راهول گانڌي جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. راهول گانڌي خلاف ڪيس بي جي پي جي ايم ايل اي ۽ اڳوڻي وزير پرنيش مودي داخل ڪيو هو، جنهن ۾ راهول گانڌي تي الزام هو ته هن مودي سر نيم رکندڙن کي چور چئي مخاطب ڪيو. راهول گانڌي 2019 ۾ لوڪ سڀا جي چونڊ مهم دوران اهو بيان هڪ ريلي ۾ ڏنو هو، جنهن خلاف درخواستگذار موقف اختيار ڪيو هو ته راهول گانڌي سموري مودي برادري جي توهين ڪئي آهي. گجرات جي عدالت راهول گانڌي جي 30 ڏينهن لاءِ ضمانت منظور ڪئي هئي، جڏهن ته راهول گانڌي عدالتي فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
