هوسڙي(ن س) ھوسڙي سيري ۽ ان جي آسپاس جي علائقن۾ رمضان مبارڪ جو مھينو ايندي هي واپاري دڪاندار ريڙهي وارا فل فروٽ گوشت ڀاڄين ۽ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ ريٽ وڌائي ڇڏيا ھوسڙي سيري ۽ ان جي آسپاس جي علائقن جي غريب مزدور عوام مڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪري جڏهن گھر جي لاءِ سبزي ۽ روزدارن جي لاءِ ٿورو گهڻو فروٽ وٺڻ جي لاءِ ريھڙي تي اچون ٿا ته فروٽ جو ريٽ ڊبل ٻڏي واپس ٿيو وڃون اسان غريب مزدور ماڻھون روزو افطار ڪرڻ لاءِ گدرو يا ڇانھين به نٿا وٺي سگهون ڇائين 150 روپيه ڪلو گڍرو 100 روپيه ڪلو ڪيلا 150 روپيه درزن صوف 250 ڪلو ٽماٽو 70 روپيا ڪلو ڀينڊي 170ڪلو بصر 130ڪلو پٽاٽا 60 ڪلو گوشت 700 ڪلو مرغي 650 ڪلو مڇي 500 ڪلو وڃون ته ڪھڙي پاسي وڃون غريب مسڪين مزدور عوام جي لاءِ ھي مشڪلاتون ۽ پريشانيون پيدا ٿيل آھن پوءِ کين ڪھڙو قدر غريب مزدور سفيد پوش ماڻھون جو ته اھي ھن مھنگائي واري دور ۾ پنھجي زندگي ڪئين ٿو گزر بسر ڪري غريب مزدور عوام ڊي سي ۽ اي سي کي اپيل ٿا ڪريون ته مھرباني ڪري ھوسڙي سيري جو وزٽ ڪري غريب مزدور عوام کي لٽيرن کان بچايو وڃي ۽ ھوسڙي ۾ بچت بازارن جا اسٽال لڳرايا وڃن جئين ته غريب مسڪين مزدور طبقي جا ماڻهو به روزيدارن لاءِ فل فروٽ وٺي سگھن
