ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي پريس ڪلب ٻاھران گزيل ڪيترن ڏينهن کان احتجاج تي ويٺل اکين جي نور کان محروم ماڻهن جي سنڌ سرڪار سار لهڻ بدران بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو. گزريل ڏينھن نٽھڻ اس ۾ احتجاج ڪندڙ ھڪ معذور بيھوش ٿي ويو جنھن کي فوري طور اسپتال نيو ويو احتجاج تي ويٺل معذورن جو چوڻ آھي ھو ڪيترن ڏينھن کان احتجاج تي ويٺل آھن پر ھن وقت تائين مطالبا نه ٿا مڃيا وڃن . سپريم ڪورٽ جي حڪن باوجود صوبائي حڪومت معذورن کي پنھنجي مقرر ٿيل ڪوٽا تي نوڪرين ۾ ڀرٿي نٿو ڪيو وڃي. معذور ماڻھن لاء ڪو به قائدو قانون موجود ناھي ھنن چيو ته اکين جي نور کان محروم معذورن کي تعليم ۽ تجربي ۽ صلاحيتن مطابق 5 فيصد ڪوٽا تي ڀلي سختي سان عمل ڪرائي نوڪريون ڏنيون وڃن، ھنن جو چوڻ ھو ته اکين جي نور کان محروم ماڻھن جي سماجي فلاحي ۽ سماجي حقن ۽ فلاح بھبود جي زميواري سنڌ حڪومت جي ھئڻ گھرجي جڏنھن اکين کان معذورن ۽ وڏي عمر يا وري نوڪري جي قابليت نٿا رکن انھن جي لاء مھيني تي وظيفو ڏنو وڃي.
