ڪوٽڙي(ن س)ڪوٽڙي لائنن جي ذريعي پاڻي ڏيو جي عنوان تحت پاڪستان نوجوان تحريڪ پاران پاڻي واري سڪل تلاء تي احتجاج ڪيو ويو ھنن ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته اسان ڊگھي عرصي کان وٺي پاڻي لاء احتجاجون ڪندا پيا اچو پر وس وارا دانھون ۽ رڙيون ٻڌڻ بدران پنهنجي ڪنن ۾ ڪپھ وجهي آفيسن تائين محدود آهن اسين ھميشا پاڻي لاء احتجاج ڪندا پيا اچو چونڊيل نمائيندا پاڻي جو آسرو ڏئي ووٽ وٺي وري ٻيھر اچن ئي ڪو نه ٿا چڪر ئي نٿا لگائن ته ھتي به ماڻهو رھن ٿا انهن کي پاڻي جي به ضرورت آهي.ان موقعي تي اڳواڻن عبدالستار لؙھر, پنھل چانڊيو, سردار چانڊيو, عرس رند, جان محمد ملاح, ۽ چيو ته اسين مسلسل رڙيون ڪوڪو دانھون ڪندا پيا اچو پر پاڻي ڏيڻ ۽ ٻڌڻ لاء تيار ناهي ھنن ٻڌايو ته ٽينڪي ٺھيل آهي ان تي چوڪيدار به مقرر ٿيل آهي ٽينڪي جي لائن به بحال آهي پر پوء به ھي ٽينڪي نٿا بحال ڪن ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته ڊي سي سميت سڀ ٽينڪرن مافيا سان ڀاڳي ڀائيوار آهن پاڻي جيڪو نعمت آهي ان کي قيد ڪري ظالم ٽينڪرن وسيلي کپائن ٿا اسان جا علائقا خدا جي بستي, ٻٻر اسٽاپ, گلشن مسعود غازي ڪالوني, مسڪين ڪالوني, ابڙا چونڪ, پوپٽ ڳوٺ عيسي ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي جون لائنون ھٿن سان ٽوڙي ٽينڪر مافيا کي ھٿي ڏني پئي وڃي ھنن صدائون ڪوڪو دانھون ڪري پاڻي ڏيو پاڻي جا نارا لڳائي احتجاج ڪيو ان موقعي تي ڪارڪنن ۽ رھواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
