ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌي ڊرامن ۾ مشھوري ماڻيندڙ سنڌي اداڪارا غزل سلام چيو آھي ته پندرنھن سال پرڏيھ ۾ رھيس پر سنڌ امڙ جي سڪ ۽ ڇڪ اسان کي واپسي تي مجبور ڪيو. مان سنڌي ميڊيا کان پري ناھيان ٿي ۽ اڄ به مختلف ٽي وي چيينلز تي ڪم ڪري رھي آھيان. ھن اھا ڳالھ عورتن جي حقن بابت ڪراچي جي مقامي ھوٽل ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. نوي واري ڏھاڪي ۾ جڏنھن ھو اداڪاري جي عروج تي ھئي ۽ ھوء غزل صديق ھئي ۽ خاص طور تي پي ٽي وي جي ڊرامي ۾ ماروي جو ڪردار نڀائڻ تي کيس تمام گھڻي موٽ ملي ھن ڊرامن جي ڪردارن ۾ پاڻ مڃايو. غزل سلام وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته عورت ھن معاشري جو اھم حصو ھجڻ سان گڏوگڏ حسن به آھي. ھن چيو ته اسي واري ڏھاڪي جي ڀيٽ ۾ اڄ دنيا تمام گھڻي ترقي ڪئي آھي اڄ انٽرنيٽ جي ذريعي سڄي دنيا جو شيون آساني سان ڏسي سگھجن ٿيون. اھو سبب آھي جو اڄ جي عورت مضبوط آھي آزادي به ملي آھي ۽ ھاڻي عورت پنھنجي ترقي جا رستا پاڻ ڳولي ٿي. ھن چيو ته جديد زماني ۾ به ڪيترن ھنڌن تي والدين پنھنجي نياڻين کي تعليم کان محروم ٿا رکن اھي وڏو ڏوھ ٿا ڪن. ھنن کي ھاڻي پنھنجي نياڻين تي اعتماد ڪرڻو پوندو اگر عورت پڙھيل لکيل ھوندي ته اھا پنھنجا رستا پاڻ ڳولي وٺندي ۽ مسقبل سنواري سگھندي ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مونکي پنھنجي سنڌ امڙ ڌرتي سان پيار آھي جيڪو مونکي ۽ منھـجي ور ۽ ٻارن کي پرڏيھ مان واپس ڇڪي آيو آھي ھن مٽي سان اسان جا صدين جا رشتا آھن.
