سکر (بيورورپورٽ) سکر پوليس ۽ پاڪستان رينجرز پاران ڳجهو اطلاع ملڻ تي سٽي بائي پاس روڊ تي ڪاروائي ڪندي ڪوچ ذريعي غير قانوني هٿيارن جي اسمگلنگ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائيندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيارن جي وڏي کيپ هٿ ڪري ورتي آھي پوليس ترجمان موجب پشاور کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ کي روڪي سرچ ڪرڻ دوران وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آھن، هٿيارن کي وڏي مهارت سان ڪوچ ۾ لڪايا ويا هئا جوابدارن وٽان هٿ آيل هٿيارن ۾ هڪ 8 ايم ايم رائفل،4 عدد 223 بور رائيفل۔هڪ ڪلاشنڪوف، 19عدد ايم 9 پستول، 5 عدد 30 بورجا پستول، 1000 گوليون، 28 ميگزين ۽هڪ ڪوچ شامل آهن،جڏهن ته گرفتار ڪيل ٻن جوابدارن خان پرويز ۽ مختيارخلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
