سکر(پ ر) سکر ۾ ناري فائونڊيشن قدرتي آفتن دوران خواجه سرائن کي امدادي ڪمن ۾ شامل ڪرڻ ۽ انھن جي پروٽيڪشن/ تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ ٽرانسجيڊر ڪميونٽي سان شعور آگاھي ڪلينڪ سيشن ڪيو ويو. آگاھي سيشن ۾ سکر ۽ ڀرپاسي جي خواجہ سرائن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر انور مھر، ٽرانس فيلو نوشي چيو ته ناري فائونڊيشن سکر ۽ پيس اينڊ جسٽس نيٽ ورڪ پاران پراجيڪٽ عنوان “رڪاوٽن کي ڳنڍڻ – خواجا سرائن کي ٻوڏ جي دوران سھولتن ۽ امدادي ڪمن ۾ شامل ڪرڻ آھي ھنن وڌيڪ چيو ته خواجه سرا به ھن سماج جو حصو آھن ھنن کي به حق ملڻ کپن, سيشن دوران خواجا سرائن کي ذاتي حفاظت، صحت، صفائي سٿرائي بابت معلومات پڻ ڏني وئي، ٽرانس فيلو نوشي چيو ته سکر جي خواجه سرائن سان معلوماتي سيشن ڪرائڻ سان گڏوگڏ ضلعي جي سرڪاري ۽ مختلف اسٽيڪ ھولڊرن سان ملاقاتون ڪري انھن کي حق وٺي ڏيارڻ جي پوري ڪوشش ڪبي.
