ڪراچي (بيورو رپورٽ) عوام کي رليف مهيا ڪرڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ بچت بازارون قائم ڪيون ويون آهن، اهڙن خيالن جو اظهار صنعتن ۽ گڏيل امداد جي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو روزاني “سنڌ” سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته بلاول ڀٽو جي خاص هدايتن تحت هر شعبي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن ۽ صحت جي حوالي سان سنڌ جي اسپتالن ۾ جديد مشينون مهيا ڪيون پيون وڃن، جيئن غريب ماڻهو صحت جون بهترين سهولتون حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته ماڻهن کي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر سميت مختلف شهرن ۾ بسون هلايون پيون وڃن. هاڻ رمضان مهيني ۾ غريبن لاءِ خاص ڪري سستي اگهه تي راشن مهيا ڪرڻ لاءِ بچت بازارون لڳايون پيون وڃن. ڄام اڪرام الله ڌاريجو وڌيڪ ٻڌايو ته ايندڙ اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي خدمتن عيوض اڳ کان وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪندي. هن چيو ته هو پنهنجي تڪ ۾ هر هفتي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مختلف علائقن جا دورا پڻ ڪندو رهندو آهي.
