لاڙڪاڻي جي خانگي تعليمي اداري ۾ ڪتابي ميلو لڳايو ويو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شھر جي گجڻ پور واري علائقي ۾ خانگي تعليمي اداري سنڌ پبلڪ اسڪول طرفان شاگردن لاءِ ٻن ڏينهن وارو ڪتابي ميلو لڳايو ويو، جنهن جو افتتاح اسڪول جي پرنسپال اعجاز احمد بلوچ پاران استادن ۽ شاگردن سان گڏجي ربن ڪاٽي ڪيو. ڪتابي ميلي ۾ اسڪول جي ڊائريڪٽر محمد يامين بلوچ، استادن خالد ميمڻ، جهانگير مرکنڊ، محمد علي سولنگي سميت ٻين استادن توڙي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪتابي ميلي ۾ نيشنل بڪ فائونڊيشن، سنڌيڪا اڪيڊمي، روشني پبليڪيشن، سنڌي ادبي بورڊ، پيڪاڪ پبلشرس سميت مختلف پبلشرس جا ڇپيل سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڪتاب اسٽالن تي 20 کان 50 سيڪڙو رعايت تي رکيا ويا آهن، جتي پهرين ڏينهن مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪتابي ميلي ۾ شرڪت ڪري سائنس ۽ ادب سميت ٻين موضوعن تي ڇپيل ڪتابن جي خريداري پڻ ڪئي. ان حوالي سان سنڌ پبلڪ اسڪول جي پرنسپال اعجاز احمد بلوچ ڳالهائيندي چيو ته ڪتاب انسان کي شعوري طور دنيا جي اعليٰ ذهنن سان جوڙي ڇڏين ٿا، جنهن جا اثر سماج جي جوڙ جڪ ۾ نهايت ڪارائتا ثابت ٿين ٿا. هن چيو ته ڪتاب ڏانهن ٻارن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ اسڪول ۾ بڪ فيسٽيول منعقد ڪيو ويو آهي، ان سان ٻارن جو ڪتابن ڏانهن لاڙو ٿيندو، ڪتاب پڙهڻ سان ٻار ذهني طور آسودو ۽ صحتمند رهي ٿو، قلم ۽ ڪتاب انساني سماج ۾ تعميري ۽ تخليقي سوچ کي وڌائن ٿا، ڪتاب ماڻهوءَ کي مايوس ٿيڻ کان بچائي زندگيءَ بابت نئون اتساھ پيدا ڪري ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں