ملير ۾ نجي ڪمپني جي پورهيتن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

ملير(ڊ.ر) پورٽ قاسم ويجهو نجي اسپيئر پارٽس ڪمپني جي پورهيتن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪمپني جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ عورت ۽ مرد پورهيتن ڪمپني جي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن اختر حسين سهتو، رجب، لعل بخش ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان کي پگهار وقت سر نه ٿي ملي جڏهن ته بغير ڪنهن جواز جي ڊيوٽي ڪرڻ جي باوجود پگهارن مان ڪٽوتي پڻ ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته ملڪ ۾ قائم تمام ڪمپنيون رمضان جي مهيني ۾ روزي ۾ الائونس ۽ رهتون، سميت رليف ڏينديون آهن مگر اسان جي ڪمپني اسان سان ماٽيلي ماءِ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي هنن چيو ته اسان 15 سالن کان ڪمپني سان سچائي، ايمانداري سان نڀايو آهي ۽ ڊيوٽي ڪندا پيا اچون مگر انتظاميا جي اهڙي رويي سبب اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته اسان کي گهرن ۾ سحري ۽ افطاري ڪرڻ لاءِ پئسا نه آهن ته معصوم ٻچڙن کي عيد جي خريداري ڪٿان ڪرائينداسين، هنن ليبر جي صوبائي وزير، اعليٰ اختيارين ۽ ڪمپني انتظاميا کي اپيل ڪندي چيو آهي ته فوري طور تي اسان کي مڪمل پگهار سان گڏ رهتون ادا ڪيون وڃن ۽ رليف پڻ ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ روزاني جي بنياد تي ڪمپني جي مک گيٽ آڏو احتجاج ڪيو ويندو، ٻي طرف ڪمپني انتظاميا پاران پورهيتن سان ڳالهين کان انڪار، پورهيتن پاران ڳالهيون نه ٿيڻ جي صورت ۾ سخت احتجاج جو اعلان

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں