يونيورسٽي جي ڪنهن به ملازم جي نوڪري ختم ڪرڻ نه ڏينداسين:سيوا

ڄامشورو(ڊ ر) سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ورڪرس ايسوسيئيشن يونٽ فيڊريشن سيوا صدر محمد علي گهانگهرو جي اڳواڻي ۾ عيد گريشيا نه ملڻ ۽ ملازمن جا جائز مسئلا سنڌ يونيورسٽي انتظاميه روڪي ڇڏيا آهن, فوتي ملازمن جا پئسا روڪڻ خلاف, سنڌ يونيورسٽي ريگيولر ملازمن جي امڪاني برطرفي خلاف, ملازمن جي مسئلن بابت انتظاميه کي ڏنل چارٽرڊ آف ڊمانڊ تي عمل نه ڪرڻ خلاف ۽ پوليٽيڪل پريشر تي سنڌ يونيورسٽي جي قيمتي زمين هڪ پرائيويٽ ٺيڪيدار کي ڏيڻ خلاف اڄ ٽرانسپورٽ سيڪشن جي ملازمن ساٿين سان رابطا مهم ڪئي وئي, جنهن ۾ سڀني ملازم ڀائرن سيوا کي يقين ڏياريو ته سيوا جڏهن به احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو اسان سيوا سان گڏ هونداسين, انهي موقعي تي سيوا جي سينئر نائب صدر اشتياق حسين ارباب, جنرل سيڪريٽري ذوالفقار علي رستماڻي, خزانچي احمد علي ڪنڀار, نائب صدر يار محمد لغاري، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سهراب برفت, پريس سيڪريٽري مجتبا ڀٽو, رابطا سيڪريٽري شمعون مسيح،ميمبر ڪائونسل اڪبر نندواڻي, محمد نواز ڏاهاڻي,نديم ميرجت سميت شاھ لطيف گروپ جو قائم مقام صدر سيد گمبل شاھ, شهيد راڻي گروپ صدر نجف علي سومرو شامل هئا.انهي موقعي تي سيوا صدر محمد علي گهانگهرو جو چوڻ هو ته اسان عيد گرشيا تان ڪڏهن هٿ نه کڻنداسين, سنڌ يونيورسٽي ڪنهن به ملازم جي نوڪري ختم ڪرڻ نه ڏينداسين ۽ اسان سنڌ يونيورسٽي جي اثاثن کي انتظاميه طرفان ڀڳڙن جي مٺ تي هڪ پرائيويٽ ٺيڪيدار کي ڏيڻ جي سخت لفظن مذمت ڪيون ٿا, اسان جي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ منسٽر يونيورسٽيز محمد اسمايل راهو, پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي چئيرمين غلام قادر چانڊيو ۽ اعلي اختيارين کي نوٽس وٺڻ جو مطالبو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں