چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ اي آر سي پي، سوٽ جو افتتاح ڪيو ويو

لاڙڪاڻو(پ ر) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي پريس ترجمان پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاہه طرفان، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ اي آر سي پي، سوٽ جو افتتاح ڪيو ويو، ان موقعي ايم ايس ڊاڪٽر گلزار احمد تنيو، ڊين ميڊيسن اينڊ الائيڊ سائنسز پروفيسر عالم ابراهيم صديقي، پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پروفيسر ڊاڪٽر ضمير احمد سومرو، گيسٽرولاجي شعبي جو سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر علي حيدر بلوچ به موجود ھيا، پروفيسر علي حيدر بلوچ ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي چيو ته، اي آر سي پي مشين جي انعقاد سان ، جگر ، معدي ۽ لبلبي جي بيمارين جي تشخيص مدد ملندي ۽ اسان نھايت ٿورائتو آھيون وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاہ ۽ ايم ايس ڊاڪٽر گلزار احمد تنيو جا جن جي ڪوششن سان ھي جديد مشين انعقاد ممڪن بڻيو ، ھن وڌيڪ چيو تہ گمبٽ کان پوءِ اندروني سنڌ ۾ ھيء ٻي مشين آھي ، ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاہ چيو ته معدي، جگر ۽ لببي جي بيمارين ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿئي پيو. ھن مشين جي انعقاد سان غريب ۽ بي پھچ مريضن فائدو پھچندو ۽ ان مد ۾گيسٽرولاجي شعبو بھتر ڪم ڪري رهيو آهي، ان موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر گلزار احمد تنيو چيو تہ ، اسان بھتر کان بھتر علاج لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اھڙو بيان شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي پريس ترجمان عبدالصمد ڀٽيءَ طرفان جاري ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں