چيف جسٽس اڪيلي سر پاڻمرادو نوٽيس نه وٺي سگهندو، قومي اسيمبلي مان بل منظور

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي مان پاڻمرادو نوٽيس جي اختيار بابت بل منظور ڪيوويو آهي، بل جي متن موجب چيف جسٽس اڪيلي سر پاڻمرادو نوٽيس نه وٺي سگهندو، پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ۽ بينچز جي جوڙجڪ جو فيصلو 3 ججز تي ٻڌل ڪميٽي ڪندي. قومي اسيمبلي عدالتي سڌارن وارو بل ڳري اڪثريت سان منظور ڪري ورتو آهي، عدالتي ڪارروائي، قاعدن ۽ ضابطن وارو بل 2023 اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظوري بعد قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. منظوري ڏنل بل تحت انساني حقن وارا معاملا به ججز جي 3 رڪني ڪميٽي گهٽ ۾ گهٽ 3 رڪني بينچ ڏانهن اماڻيندي، انٽرا ڪورٽ اپيل تي 14 ڏينهن ۾ ٻڌڻي ٿيندي،  ارجنٽ معاملن جا ڪيس 14 ڏينهن اندر ٻڌڻيءَ لا مقرر ٿيندا، قومي اسيمبلي مان منظوري بعد بل هاڻي سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.ٻئي طرف قومي اسيمبلي ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل ۾ محسن داوڙ جي ترميم شامل ٿيڻ سان ن ليگ قائد نواز شريف کي سزا خلاف اپيل جو حق ملي ويو. 30 ڏينهن ۾ ون ٽائم اپيل جي حق سان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان گڏوگڏ يوسف رضا گيلاني، جهانگير ترين سميت پاڻمرادي نوٽيس ڪيسن جي فيصلن جون ٻيون متاثر ڌرون به فائدو کڻي سگهنديون. واضح رهي ته اڄ قومي اسيمبلي ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرز بل ۾ محسن داوڙ جي تجويز ڪيل ترميم شامل ڪئي وئي. محسن داوڙ چيو ته ڪراچي جو نسلا ٽاور به پاڻمرادي نوٽيس سبب ڪيرايو ويو، ماضي ۾ 3/183  (پاڻمرادي نوٽيس) جي متاثرن کي 30 ڏينهن ۾ اپيل جو حق ڏنو وڃي. ان موقعي تي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته اها هڪ ڀيري جي قانون سازي آهي، ان تي ڪو پنڊورا باڪس نه کلندو. محسن داوڙ چيو ته پراڻا احساس آهن، ان ترميم تي ڇو ڪيٻائي رهيا آهيو؟ ان دوران پ پ محسن داوڙ جي ترميم جي حمايت ڪئي ۽ بلاول ڀٽو زرداري چيو حڪومت ۾ ائين ٿيندو آهي ته ڪنهن جا خدشا هوندا آهن پر اسان محسن داوڙ جي ترميم جي مخالفت واپس ٿا وٺون. قومي اسيمبلي اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي مشاورت ٿي، جنهن کانپوءِ محسن داوڙ جي تجويز ڪيل ترميم منظور ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرز بل جي گڏيل طور منظوري به ڏئي ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں