ھنڱورجا(رپورٽ:محمد صديق سولنگي) ھنڱورجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ موريل ڀٽو مان 8 ڏينھن اڳ گھر ٻاھران راند ڪندي مبينا طور اغوا ٿيل چار ساله نينگر جعفر علي ولد محمد صادق ڀٽو جي بازيابي ۽ وڌندڙ بدامني جي خلاف ڀٽا برادري ۽ سول سوسا ئٽي جا سوين ماڻھون روڊن تي نڪري آيا.سوين ماڻھن پروفيسر ضمير حسين ڀٽو. موريل ڀٽو. شفيع محمد ڀٽو محمد صادق ڀٽو. رياض علي ڀٽو جي اڳواڻي ۾ سخي ناصر شاھ گيٽ کان پريس ڪلب تائين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ معصوم نينگر جافوٽو کڻي احتجاجي مارچ ڪري نٽھڻ اس ۾ قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھڻي نينگر جي بازيابي ۽ بدامني جي خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالھائيندي الزام لڳايو تہ 8 ڏينھن اڳ ڳوٺ موريل ڀٽو مان 4 سالن جي نينگر جعفر علي کي مبينا طور اغوا ڪيو ويو آھي اسان اھڙو اطلاع ھنڱورجا ٿاڻي تي ڏنوسين پر پوليس اڄ ڏينھن تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناھي ڪيو جڏنھن ته بدامني عروج تي پھتل آھي پوليس انتظاميہ ننڊ جون گوريون کائي سمھي پئي آھي ھنن چيو تہ اسان ڪيترائي ڀيرا ٿاڻي ۽ ايس ايس پي آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون پر ڪير به اسان جي سار لھڻ توڙي نينگر جي بازيابي لاء سکڻي آٿت ڏيڻ لاء بہ تيار ناھي ھنن چيو تہ نينگر جي گھر م ڪھرام متل آھي سندس امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي رھيا آھن ھنن چتاء ڏنو تہ ٻن ڏينھن اندر نينگر بازياب نہ ٿيو تہ ھنڱورجا شھر ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال سان گڏ قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھنيو ويندو. ھنن وزير اعلي سنڌ. آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کان مطالبو ڪيو آھي تہ فوري طور تي اغوا ٿيل نينگر کي بازياب ڪرائي ھنڱورجا ۾ وڌندڙ بدامني تي ڪنٽرول ڪيو وڃي. ٻئي طرف نينگر جي مبينا طور اغوا جو ڪيس 8 ڏينھن بعد ھنڱورجا ٿاڻي تي سندس والد جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آھي جنھن ۾ فريادي ڄاڻايو آھي منھنجو پٽ گھر ٻاھران راند ڪري رھيو ھيو تہ گم ٿي ويو جنھن جي ڳولا ڪئي پر نہ ملي سگھيو جنھن ڪري منھنجي پٽ کي ڪي نامعلوم ماڻھو اغوا ڪري ويا آھن. ھوڏانھن پوليس موجب نينگر جي بازيابي لاء ڪوششون تيز ڪيون ويون آھن مبينا طور اغواٿيل نينگر جعفر ڀٽو جي گھر ۾ روڄ راڙو متل آھي سندس امڙ پٽ جي جدائي ۾ روئي روئي بيحال ٿي وئي آھي ۽ کيس کي بيھوشي جا دورا پئجي رھيا آھن نينگر جي امڙ جو چوڻ آھي تہ منھنجي معصوم نينگر کي ظالمن خبر ناھي ڇو اغوا ڪيو آھي اسان جي ڪنھن سان بہ ڪا دشمني ناھي ھن انساني حقن جي عالمي ادارن توڙي پوليس جي اعلي اختيارين ۽ چونڊيل نمائندن کي پڻ نينگر جي بازيابي لاء مدد جي اپيل ڪئي آھي. جڏنھن تہ نينگر جي والد محمد صادق ڀٽو ٻڌايو تہ اسان غريب مسڪين پورھيت آھيون منھنجي نينگر کي ظالمن اغوا ڪيو آھي خبر ناھي منھنجو پٽ ھن وقت ڪھڙي حال ۾ ھوندو ھن اپيل ڪئي آھي تہ نينگر جي بازيابي لاءِ منھنجي مدد ڪئي وڃي.
