بدين ۾ ايس ٽي پي جو کوسڪي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو

بدين (ڊ ر ) ايس ٽي پي  کوسڪي جي طرفان آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي شھر نندو ڀرسان ڪالھ اٺين ڏينهن  به کوسڪي پوليس جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري 6 ڪلاڪ علامتي بک ھڙتال ڪئي ويئي ھن موقعي تي تعلقي ٽنڊوباگو جي نائب صدر ميان خان کوسو جنرل سيڪريٽري ايوب ڀٽي سوڍو ريٻاري حاجي ملاح منظو لاکاٽيو پريم ڪولھي والجي ڪولھي ايوب چانڊيو کانسواء سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي  ھن موقعي تي اڳواڻن چيو ته پوليس بنا ڏوھ جي منشيات جي جڙتو ڪيس ۾  ايس ٽي پي جي اڳواڻ عبدالستار ٻرڙو کي گرفتار ڪري چالان ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات فروش ڊيلر سرعام منشيات وڪرو ڪن پيا اتي پوليس ڪابه ڪاروائي ان ڪري نٿي ڪري جو کوسڪي پوليس جو ھفتو بند ٿو ٿئي ھنن سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس آء جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته ھو نوٽيس وٺي منشات فروش جي ساٿاري  پوليس اھلڪارن کي برطرف ڪري ايماندار آفيسر مقرر ڪري داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري گرفتار اڳواڻ ستار ٻرڙو کي آزاد ڪرايو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں