تلهار:ضمني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار پ پ جي حق ۾ هٿ کڻي ويا

تلهار(ن س) تلهار جي يونين ڪائونسل 17 وسي عادل تي اليڪشن ڪميشن پاران 18 اپريل تي اليڪشن ڪرائڻ جي نوٽيفڪيشن بعد چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوارن فرمان علي چانڊيو ،محمد سليمان ٿيٻو، محمد اسماعيل سهتو ، جاويد احمد ٿيٻو ۽ ٻين پاران فارم جمع ڪرايا هئا ، هٿ کڻڻ جي آخري تاريخ جي ڏينهن سمورن اميدوارن پاران پ پ چيئرمين اميدوار فرمان علي چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين عبدالقادر ٿيٻو جي حق ۾ هٿ کڻي ويا آهن ،اهڙو نوٽيفڪيشن رٽرننگ آفيسر جهامن داس سونارو پاران پڻ جاري ڪيو ويو آهي اسسٽنٽ ڪمشنر تلهار جهامن داس سونارو ٻڌايو ته سمورا اميدوار پ پ جي نامزد چيئرمين جي اميدوار فرمان علي چانڊيو جي حق ۾ هٿ کڻي ويا آهن اسان اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي ، هوڏانهن پ پ اميدوار فرمان علي چانڊيو جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد پ پ جيالا وڏي انگ ۾ ايم پي اي هائوس تي گڏ ٿي ويا ۽ خوشي مان هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي مبارڪون ڏيندا رهيا ان موقعي تي بنا مقابلي ڪامياب اميدوار فرمان علي چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هن يوسي ۾ رهندڙ سڀ هڪ ٻئي جا ڀائر آهيون ۽ هتان جي پ پ پ ايم پي اي مير الهبخش ٽالپر جي ڪوششن سان ۽ سندس سياسي حڪمت عملي سان اسان ٻيهر هن سيٽ تي بنا مقابلي چونڊجي ڪامياب ٿيا آهيون هن وڌيڪ چيو ته مون پهرين به هتان جي يوسي جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪئي آهي ۽ آئندہ به ڪندو رهندس ، پ پ اڳواڻ خان محمد چانڊيو ٻڌايو ته اسان پهرين ڏينهن کان ئي انهي ڪوشش ۾ هئاسين ته اسان سڀ گڏجي ڪنهن به هڪ اميدوار کي بنا مقابلي ڪامياب ڪرايون الله پاڪ جا شڪر گذار آهيون جنهن اسان کي هتان جي ايم پي اي مير الهبخش ٽالپر جي ڪوششن سان ٻيهر ڪامياب ڪيو آهي جنهن تي اسان سندس ٿورائتا آهيون انشاءالله تعالي گڏجي هتان جي مارو ماڻهن جي سار سنڀال لهنداسين پهرين به خدمت ڪئي آهي ۽ آئندہ به ڪنداسين واضع رهي ته گذريل بلدياتي اليڪشن ۾ پڻ ساڳي يوسي جا سمورا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا هئا

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں