سجاول ۾ هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر تي حملي خلاف احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

سجاول (ڊ ر) بوائز هائي اسڪول سجاول جي هيڊ ماستر ۽ شھري اتحاد سجاول جي اڳواڻ اعظم نثار عمراڻي تي حملو ڪري کيس رتورت ڪرڻ خلاف گواز، گسٽا ۽ پ ٽ الف پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. حملو ڪندڙ سمورن جوابدران کي گرفتار ڪري قانوني ڪاروائي جو مطالبو ڪيو ويو آھي. ھائي اسڪول سجاول جي ھيڊ ماستر اعظم نثار عمراڻي تي شراب جي نشي ۾ ڌت موالين پاران اسڪول اندر سندس آفيس ۾ حملو ڪري کيس سخت زخمي ڪرڻ خلاف لگسٽا، گواز، ۽ پ ٽ الف سجاول جي اڳواڻن حاجي محمود کٽي، خالد احمد کٽي، عاصم رشيد، بشير احمد سرويچ، شفيع محمد ٻارڻ، علي گرماڻي، محمد موسیٰ لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوين استادن ھائي اسڪول سجاول کان پتڻ ناڪي تائين ريلي ڪڍي سخت اس ۾ ڪراچي سجاول روڊ تي ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي استاد اڳواڻن جو چوڻ ھو تہ مقدس تعليمي اداري ۾  شراب پيئڻ کان منع ڪرڻ تي اسڪول جي ھيڊ ماستر تي حملو ڪرڻ انتھائي افسوسناڪ مذمت جوڳو آھي. تعليم دشمن دھشتگردن ھٿان پڙھيل لکيل ماڻھو محفوظ نہ آھن رھيا.ھائي اسڪول جي ھيڊ ماستر تي حملو کليل دھشتگردي آھي جيڪا ناقابل برداشت آھي. انھن انتظاميا کان مطالبو ڪيو تہ اعظم نثار عمراڻي تي حملي جا سمورا جوابدار گرفتار ڪري قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ جا استاد سراپا احتجاج ھوندا. ٻئي پاسي حملي ۾ زخمي ٿيل استاد اعظم نثار عمراڻي کي سجاول ۽ مڪلي مان علاج کان پوءِ وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي۔

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں