سنڌ حڪومت بچت بازار لڳائي عوام کي ريليف ڏنو آھي:اعجاز جکراڻي

شڪارپور(ڊ ر) صوبائي صلاحڪارجيل خانه جات اعجاز جکراڻي، سنڌ حڪومت پاران شڪارپور ۾ لڳايل بچت بازارجودوروڪيو.بچت بازار ۾ اٽي، چانور، کنڊ ، ڪوڪنگ آئل، سبزي ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جا اسٽال گھمي ڏٺا ء شين جااگھ ء معيار بابت معلومات ورتي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر صوبائي صلاحڪار کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بچت بازار ۾ عوام خريداري ڪري رھيو آھي ءجنھن ۾ اٽو، چانور ڪوڪنگ آئل ،مرغي ۽ سبزي جي خريداري وڌيڪ ڪئي پيئي وڃي. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ملڪ ۾ مھانگائي وڌيڪ آھي، سنڌ حڪومت بچت بازار لڳائي عوام کي ريليف ڏنو آھي.  ھن چيو ته بچت بازار ۾ بازار کان ويھ کان پنجويھ فيصد شيون سستيون آھن.  ھن چيو ته ھن مھانگائي جو وڏو سبب عمراني حڪومت آھي. ھن چيو ھن جي دوري جو مقصد اھو ھو ته ھو پاڻ مانيٽر ڪري ته بچت بازار عوام کي ريليف ڏيئي. صوبائي صلاحڪار ھڪ سوال جي جواب ڏيندي چيو ته ڪچي جي علائقي ۾ پوليس جون ڪاروايون جاري آھن ء امن امان ھرحال ۾ قائم ڪيو ويندو.ھن چيو ته سنڌ حڪومت اٽي جي مد ۾ چوڏنھن ارب جي سبسڊي ڏني آھي.ھن عدليه ء حڪومتي موقف بابت ڳالھائيندي چيو ته پارليامينٽ سڀ کان سپريم ادارو آھي . پارليامينٽ قانون پاس ڪيو آھي جنھن کي لاڳو ٿيڻ بعد وفاقي حڪومت اپيل ۾ ويندي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنرس ء مارليٽ ڪميٽي جا عملدار پڻ موجود ھئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں