سپريم ڪورٽ پنهنجي ماضيءَ مان سبق ناهي سکيو، پاڻمرادو نوٽيس ڪيس چار ٽي تان رد ٿيو: جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ چونڊن بابت ڪيس ۾ پنهنجو 25 صفحن جو تفصيلي اختلافي نوٽ جاري ڪندي چيو آهي ته ڪيس 3-4 سان رد ٿيو. تفصيلي نوٽ ۾ جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته سياستدان مناسب فورمز بدران عدالت ۾ تڪرار آڻڻ سان هارائيندا آهن يا کٽيندا آهن پر عدالت هر صورت ۾ هارائي ويندي آهي، سپريم ڪورٽ سميت سڀني ادارن کي پنهنجي انا هڪ پاسي رکي ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي ڪاري ماضي مان ڪو سبق نه سکيو، ملڪ سياسي ۽ آئيني بحران ڪناري بيٺو آهي، پاڻمرادي نوٽيس جي ڪارروائي عدالت کي غير ضروري سياسي تڪرار ۾ وجهي ڇڏيو آهي. تفصيلي نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڻمرادو نوٽيس خارج ڪيو وڃي ٿو، ان جا ٽي بنيادي ڪارڻ آهن، فل ڪورٽ طرفان آرٽيڪل 184 ٿري جي استعمال جي بنيادي اصولن جي پابندي بئنچ تي لازمي هئي، عدالت کي پنهنجي غير جانبداري لاءِ سياسي جماعتن جي مفادن جي معاملن تي احتياط ڪرڻ گهرجي، عدالت کي سياسي درخواستگذار جو طريقي ڪار ۽ نيڪ نيتي به ڏسڻ گهرجي. سندس موجب پاڻمرادو نوٽيس 3-4 جي شرح سان رد ٿيو، مان جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس جمال مندوخيل جي راءِ سان متفق آهيان، سپريم ڪورٽ مسلسل سياسي تڪرارن جي حل جو مرڪز بڻيل آهي، ڇا سپريم ڪورٽ کي پاڻ کي سياسي حڪمت عملين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي؟ جسٽس اطهر من الله چيو ته پاڻمرادي نوٽيس کان اڳ ئي سياسي ماحول وڌيڪ سخت ٿي ويو، جنهن تي عدالت اعتراض اٿاريا، ان سبب ئي عدالت جي غير جانبداري تي سوال اٿيا ۽ لکت ۾ اعتراض داخل ٿيا، سپريم ڪورٽ کي پاڻ کي ڪنهن جي سياسي حڪمت عملين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پيش نه ڪرڻ گهرجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں