سکر جي دارالامان مان فرار ٿيل ناري بازياب، مڙس گرفتار

سکر (بيورورپورٽ) دارلامان سکر مان هڪ مهينو اڳ فرار ٿي ويل غلام زهرا مهر سکر جي سماجي اڳواڻ سان گڏ سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو آھي  ته هوءَ پاڻ پنهنجي مرضي سان دارلامان ۾ رهندڙ عورت صفيه جي مدد سان فرار ٿي هيس، غلام زهرا وڌيڪ ٻڌايو ته مڙس غلام مرتضيٰ شيخ سان شادي لاء منهنجا گهر وارا راضي نه هيا جنهن ڪري عدالت جي اجازت سان پسند جي شادي ڪئي هئي مونکي ٻڌايو ويو ته پنج سال سزا ملندئي جنهن ڪري ڊنل هئس منهنجو مڙس غلام مرتضي شيخ بيگناھ آھي کيس آزاد ڪيو وڃي، سڀاڻي عدالت ۾ بيان ڏيندس جيڪڏهن والدين نقصان نه پهچائڻ جو لکي ڏنو ته انهن سان گڏ گهر ويندس ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ۾ موجود سماجي تنظيم جي اڳواڻ اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺندي عورت ۽ سندس مڙس کي انصاف۔ تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ سندس پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آھي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں