رتوديرو (ن س) شهيد بشير خان قريشي جي 11هين ورسي عقيدت احترام سان ملهائي وئي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن پهچي مزار تي گل نڇاور ڪري شهيد بشير خان قريشي کي ڀيٽا پيش ڪئي، ورسي تقريب مزار تي منعقد ڪئي وئي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ مرڪزي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مزار تي گلن جو چادر چاڙهي دعا گهري وئي، مزار وٽ جلسو منعقد ڪيو ويو، انهي موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد بابا بشير خان قريشي کي سنڌي قوم سان پيار ۽ سنڌي قوم لاء جدوجهد ڪرڻ جي ڏوھ ۾ شهيد ڪيو ويو، اسان شهيد بابا جو خون سنڌي قوم جي عدالت ۾ آندو آھي هڪ ڏيهن سنڌي قوم اسان سان انصاف ڪندي، ورسي جي موقعي تي سنڌي قوم کي اهو پيغام ٿو ڏيان ته جئين شهيد بابا کي اوهان جي لاء جدوجهد ڪرڻ تي شهيد ڪيو ويو ته اوهان سنڌي قوم بغير ڪنهن سياسي فرق جي گڏ ٿيو جئين پنهنجي سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڪيون.
