شڪارپور (رپورٽ: عمران قريشي ) شھر کي امن کپي ايس ايس پي فيضان علي کي ھٽايو ضلعي ۾ وڌندڙ بد امني ڦر ڌاڙا اغوا قتل چورين اسٽريٽ ڪرائيم جي وڌندڙ وارداتن خلاف امن ايڪشن ڪميٽي پاران آغا قمر مشواڻي حمير چانڊيو، ليکک اديب زبير سومرو جي اڳواڻي ۾ شھر جي ولايت شاھ پارڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو جنھن ۾ وڪيلن اديبن سياسي سماجي ڌرين جي آڳواڻن شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جلوس شھر جي مختلف رستن جھاز چوڪ جيم خانه کان ٿيندو ايس ايس پي آفس پوليس ھيڊ ڪواٽر جي گيٽ آڏو پهتو جتي سوين شھرين مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ۽ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي مظاھرين ايس ايس پي خلاف ڇتي نعري بازي پڻ ڪئي ايس ايس پي ھٽايو شڪارپور بچايو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا لڳايا جڏھن ته شھرين جي ڌرڻي دوران پوليس اھلڪارن پوليس ھيڊ ڪواٽر ڏانھن ويندڙ مک دروازي کي بند ڪري ڇڏيو جڏھن ته ڌرڻي جي اطلاع تي ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين انور شيخ سيد شاھ جان شاھ ايس ايڇ او لکيدر عباس گوپانگ پهچي ڪري مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون ٻن ڪلاڪن جي مذاڪرات بعد پوليس آفيسرن پاران امن ايڪشن ڪميٽي پاران پيش ڪيل سمورا مطالبا منظور ڪيا جنھن بعد احتجاجي ڌرڻو ختم ڪيو ويو آھي ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي امن ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين آغا قمر مشواڻي چيو ته ضلعو بدامني جي باھ ۾ ٻري رهيو آھي، ضلعي جا روڊ رستا عام ماڻھن توڙي مسافرن لاء غير محفوظ بڻيل آهن نا اھل ايس ايس پي فيضان علي ڏوھارين سان مقابلو ڪرڻ بجاء آفس ۾ لڪي ويٺل آهي ڪرپٽ ترين ايس ايس پي کي فوري طور ھٽائي ضلعي۾امن بحال ڪرائي ڏنو وڃي پهريان ماڻھو رات جو چر پر ڪري نه سگھندا ھئا ھاڻي ڏينھن جو به ماڻھو گھرن ۾ محفوظ ناھن بد امني سبب ماڻھن جو ڪارو. بار ٺپ ٿي ويو آھي سماجي اڳواڻ ليکڪ حمير چانڊيو چيو ته شھر جي ماڻھن جو ڊيمانڊ آھي ته نااھل ايس ايس پي کي فوري طور ھٽائي ڪو به ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي ھن وقت امن امان جي صورتحال ايتري قدر خراب آھي جو ماڻھو ڏينھن جو به خوف ۾ ورتل آهن شھر جي ڪا گھٽي ڪا ڳلي اھڙي ناھي جتي ڏوھي واردات نه ٿي ھجي ڪالھ صرف ھڪ ڏينھن ۾ چار وارداتون ٿيون آهن پوليسنگ مڪمل طور ناڪام ٿي آھي شھر اندر جوا منشيات جا اڏا کلي عام ھلي رھيا آھن ھڪ طرف ماڻھن کي لٽيو ڦريو پيو ته وري ٻي طرف منشيات جي لعنت جي کلي عام وڪرو سبب نوجوان نسل کي تباھ ڪيو پيو وڃي ٿاڻن تي صوبيدار ھڪ آھي ته وري چارج ايس ايچ او جي اي ايس آئي ۽ جمعدار کي مليل آھي ايس ايس پي ھتي صرف ڏوڪڙ ڪمائيڻ لاء رکيو ويو آهي ھن ايس ايس پي جي ھوندي امن قائم ٿيڻ مشڪل آهي ايس ايس پي جي ھٽجڻ تائين جدوجھد جاري رھندي ھن چيو ته اسان وٽ ڳالھين لاء پوليس آفيسر ڊي ايس پي انور شيخ ۽ انسپيڪٽر شاھ جان شاھ آيا آھن انھن کي چيو آھي ته شھر ۾ ٿيل ڦر جي وارداتن جا ڪيس داخل ڪري جوبدار گرفتار ڪيا وڃن ۽ شھرين کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون واپس ڪرايون وڃن پندرھن ڏينھن اندر امن امان جي صورتحال بھتر ڪئي وڃي جنھن تي پوليس اسان جا مطالبا منظور ڪيا آھن ٿڏي تي پيٽرولنگ وڌائينڻ جا حڪم ڏنو آهي باقي ايس ايس پي خلاف اسان جي پر امن جدوجھد جاري رھندي جيستائين ان کي ھٽايو نٿو وڃي اديب سماجي اڳواڻ زبير سومرو چيو ته ايس ايس پي ڏوھن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويو آھي اسان جي وقت جي حاڪمن کي اپيل آهي ته ضلعي ۾ ڪو ايماندار ايس ايس پي مقرر ڪري ڏنو وڃي ته جئين شھري سک جو ساھ کڻي سگھن احتجاجي دھرڻي ۾ ڳالھين لاء پهتل ڊي ايس پي انور شيخ چيو ته ايس ايس پي صاحب جي آفس جو ڪم ھلي رھيو آھي جنھن ڪري ھو ڪيمپ آفس ۾ ماڻھن سان ملاقاتون ڪري رھيا آھن ھن چيو ته پوليس ڪڏھن نه چاهيندي ته امن نه ھجي ڏوھن کي روڪڻ لاء ڪوشش ڪري رھيا آھيون شھر توڙي ٻاھرين علائقن ۾ پوليس پيٽرولنگ وڌائي ويندي پهريان به جيڪو ڪرائم ٿيو آهي ان جا جوابدار تقريبن پوليس گرفتار ڪيا آھن جلد رھيل جوابدار گرفتار ڪري شھرين کان ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏنو ويندو ڌرڻي کي ايڊووڪيٽ ظفر چنو .ايڊووڪيٽ اصغر پهوڙ ايڊووڪيٽ زاھد پهوڙ ميان ظفر علوي راشد لاشاري .فھد شھزاد سولنگي قومي ڪارڪن صوفي لياقت بجاراڻي عبدالسميع ڀٽي .پي ٽي اڳواڻ لالا شمس پٺاڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ھڪ طرف شھرين پاران بدامني خلاف احتجاج ھلندڙ ھو ته ٻئي طرف ھٿياربندن خانپور ٿاڻي جي حد انڊس هاء وي ڪلر ڪوٽ ڀرساڻ ڪنڌ ڪوٽ کان لاڙڪاڻو ويندڙ ڪار کي ھٿيارن جي زور تي روڪي ڪورٽ حاضري تي ويندڙن ڪار سوارن ڪنڌ ڪوٽ جي رهواسين اسسٽنٽ مختارڪار لياقت علي ٿهيم ۽ تپيدارمير هزار خان سهرياڻي يرغمال ٻڻائي هزارين روپيا نقد رقم 3عدد موبائيل فون ضروري دستاويزات ۽ بيو قيمتي سامان ڦر ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا آهن, جڏهن ته واقعي جي اين سي خانپور ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آھي. ٻئي طرف واپاري اڳواڻ ساجد علي پٺاڻ ۽آغا وقار پٺاڻ کي شھر جي صديق ماڙي واري علاقي ۾ يرغمال ڪري موبائيل فونون روڪ رقم ۽ موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا. لکيدر ٿاڻي جي حد الف شاھ شھيد پير ڀرسان ھٿياربندن شھري عابد قريشي کي ڏينھن ڏٺي جو يرغمال ڪري نئين سي ڊي موٽر سائيڪل روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏھن ته شھر جي سائيٽ ايريا واري علائقي مان نامعلوم چور شھري علي احمد ڪلھوڙو جي گھر آگيان بيٺل نئين سي ڊي موٽر سائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويا آھن.
