لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي وليد پاڙي جي رهواسين پاڪ ڪتاب کڻي 27 ڏينهن اڳ فون ذريعي عورتاڻي آواز ۾ هرکجي ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل ٻن نوجوان جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مغوين جي وارث ذوالفقار ڀٽي پنهنجي گهرڀاتين، مائٽن شاهده خاتون، مراده خاتون، مسمات پپي، امان ڀٽي، وحيد، زين ڀٽي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته مان پرائيويٽ گاڏي هلائي گهرڀاتين جو پيٽ پاليندو آهيان، جڏهن ته منهنجي 15 سالن جي پٽ سعيد ڀٽي ۽ مائٽ 18 سالن جي فرمان ميراڻي کي فيس بڪ جي ڪنهن نامعلوم دوست فون ڪري دعوت کائڻ جي لاءِ ڪنڌڪوٽ گهرايو، جنهن کان پوءِ پٽ سعيد ۽ مائٽ فرمان گذريل 10 مارچ تي گهران نڪري ويا، جيڪي هن وقت تائين واپس ناهن آيا، نوجوانن جي گمشدگي بابت حد جي وليد ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي سين. هن چيو ته 12 مارچ آچر جي ڏينهن اسان کي نامعلوم ڌاڙيلن فون ڪري چيو ته توهان جا نوجوان اسان جي قبضي ۾ آهن، جن کي زندھه ڏسڻ چاهيو ٿا ته 25 لک روپيا ڀنگ ڏيو، ٻي صورت ۾ کين قتل ڪري ڇڏينداسين، اهڙي فون کان اسان ايس ايس پي آفيس پهتاسين، جتي اسان کان صرف لکت ۾ درخواست ورتي وئي، پر هن وقت تائين پوليس ڪائي به مدد ناهي ڪئي، ڌاڙيل اسان کي فون ڪري ڌمڪائي رهيا آهن ته ڀنگ ڏيو، جڏهن ته تازو ڌاڙيلن ٻنهي نوجوانن جي تشدد واري وڊيو پڻ وائرل ڪئي آهي. هن چيو ته اسان انتهائي غريب مسڪين آهيون، ڌاڙيلن کي ڀنگ ڪٿان ڏئي سگهنداسين، هن وقت اسان جي گهرن ۾ قهرام متل آهي، جنهن لاءِ پي پي پي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي جي رينجرز سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته معاملي جو نوٽيس وٺي ٻنهي نوجوانن کي بازياب ڪرائي ڇانيل پريشاني ۽ بيچئني ختم ڪئي وڃي.
