بدين(ن س) ماتلي جي مقامي لوڪ فنڪارا عظمي ا شيخ مڙس تي وار ڪٽڻ ۽ تشدد جو الزام ھڻندي انصاف لاء دانھيندي ماء سان گڏ پريس ڪلب پھچي وئي . ماتلي جي مھراڻ ڪالوني جي رھواسڻ لوڪ فنڪارا عظمي ا شيخ جو چوڻ آھي ته ٽي سال اڳ ھن ٽنڊو الھيار جي پٺاڻ ڪالوني واسي رسول بخش عرف پپو بروھي سان پسند جو پرڻو ڪيو ھو جنهن مان کيس ٻن سالن جو پٽ به آھي ھن چيو ته ھو لوڪ فنڪارا آھي شادين ۽ محفلن ۾ ڳاھيندي آھي جنهن مان گھر جو گاڏو ھلندو آھي . ھن چيو ته سندس مڙس منهنجي ڀاء سان ناجائز لاڳاپن جو الزام ھڻي ڪينچي سان مٿي جا وار ڪوڙي لوھي سيخن سان حملو ڪري کيس سخت زخمي ڪري وڌو ۽ پٽ کي ۽ پئسا کسي گھران ڪڍي ڇڏيو آھي جنهن جو فرياد ۾ ٽنڊو الھيار ٿاڻي تي داخل ٿيل آھي پر پوليس اڃان تائين ڪڍ ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي . جنهن ڪري ھو پنهنجي جان بچائي ماتلي ۾ پنهنجي ماء جي گھر پھچي پناھ ورتي آھي . عظمي ا شيخ جو چوڻ آھي ته کيس سندس مڙس مان جان جو خطرو آھي سندس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ کيس تحفظ فراھم ڪري مڙس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي
