ماتلي(ن س) سول جج مئجسٽريٽ جي حڪم تي ڊسٽرڪٽ جيل بدين ڪسٽيڊي ڪرڻ دوران جوابدار مٿان وچ رستي ۾ سخت تشدد ڪرڻ تي نوجوان جي وارثن احتجاج ڪندي الزام ھيو ته نئون دمبالو پوليس موبائل ڊرائيور عالم جٽ کي سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ ماتلي پاران جوابدار رضوان ڪورائي کي ڊسٽرڪٽ جيل بدين منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنھن بعد پوليس جوابدار کي بدين نئندي وچ رستي ۾ پوليس موبائل ڊرائيور عالم جٽ پاران جوابدار رضوان ڪورائي کا بنا جواز پوليس موبائل مان لاھي سخت تشدد جو نشانو بڻايو. اھڙو انڪشاف جوابدار جي وارثن ساڻ ملاقات کان پوءِ ڪيو. جنھن بعد سندس وارثن محمد صالح ڪورائي, رضا حسين رضا، محمد عٿمان ڪورائي ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪندي ڊي آئي جي حيدراباد ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو آھي ته پوليس عملدار عالم جٽ خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ انصاف لاء ھائيڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ويندي.
