نوابشاهه(ڊ ر) ڊجيٽل آدمشماري، سنڌ جا ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ ۽ لکين غير ملڪين کي ملڪ جي شهرين جهڙا حق ڏيڻ خلاف عوامي تحريڪ نواب شاهه پاران نواب شاهه پريس ڪلب ۾ ھڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جڏهن ته سمينار ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ ضلعي نواب شاهه جي صدر امير مغيري، امتياز علي ڏاهري ۽ ٻين وڏي ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ مٿان گهڻ طرفو حملو ڪيو ويو آهي، هڪڙي پاسي ڊجيٽل آدمشماري ذريعي ڌارين کي سنڌ جو شهري ڳڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ته ٻي پاسي وري محسن داوڙ ذريعي پارليامينٽ ۾ بل پيش ڪيو ويو آهي ته سمورن پرڏيهين کي ملڪ جي شهرين وارا حق ڏنا ويندا، ھنن چيو ته پرڏيهين کي سنڌ ۾ مستقل رهائش ڏيڻ وارو بل پيش ڪري پاڪستان ۾ نئون اسرائيل ٺاهڻ جي آمريڪي سامراجي سازش کي عملي جامو پهرايو ويو آهي، ھنن چيو ته سنڌ جا ٻيٽ وفاق حوالي ڪري سنڌين کان زمينون ۽ وسيلا ڦري سنڌين کي فلسطينين جيان پنهجي وطن ۾ بي وطن ڪيو پيو وڃي، ھنن چيو ته نيشنل رفيوجيز بل 2023ع ڪراچي بدامني ڪيس ۾ ڏنل سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، ڪراچي ۾ افغانستان جا جهنڊا کڻي اچي روڊ بند ڪري، غيرقانوني طور آيل پرڏيهين کي دهشتگردي ڦهلائڻ جي کلي ڇوٽ مليل آهي، جيئن ضياء الحق جي سربراهي ۾ ضيائي ٽولي اسرائيلي فوج سان گڏجي معصوم فلسطينين مٿان حملو ڪري فلسطين کي ڌارين دهشتگردن جي حوالي ڪيو هو، فلسطين ۾ رتوڇاڻ ڪرائي فلسطينين مٿان ظلم ۽ جبر ڪندڙ عالمي سامراجي قوتون ضيائي ٽولي وسيلي سنڌي عوام جي نسل ڪشي ڪري سنڌ پرڏيهي دهشتگردن حوالي ڪري رهيون آهن، محسن داوڙ جو پيش ڪيل بل نئين اسرائيل کي عملي جامو پهرائڻ وارو بل آهي، افغاني اسمگلر پاڪستاني اشرافيا کي خريد ڪري ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ ٿي ويا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته غير ملڪين کي ملڪي شهرين جهڙا حق ڏيڻ جو بل سنڌ مٿان ڪاھ آهي، سنڌي عوام کي ڀرپور تياري ڪري پرامن جمهوري جدوجهد جو دائرو وسيع ڪرڻو پوندو.
