ڪراچي(بيورو رپورٽ) سنڌ جي ساڃاھھ وندن، قانوني ماھرن ، انساني حقن جي ڪارڪنن پروفيسر اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي شعور جو کليل دھشتگردي قرار ڏيندي واقعي ۾ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾آڻي سري عام ڦاھي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آھي. تفصيلي خبر موجب سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽي جي سڏ تي سنڌ بلوچستان جي سرحدي ضلعي ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۾ قبائلي ھٿياربندن ھٿان آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي پروفيسر اجمل ساوند جي قتل واري واقعي خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو . مظاھري ۾قانوندان شھاب اوستو، سينيئر صحافي محمد يونس مھر، ليکڪ اديب اعجاز منگي، ڪاظم مھيسر ايڊوڪيٽ، محمد خان شيخ، حق نواز ٽالپر ، عامر نواز وڙائچ ، غلام رسول سھتو، جسقم اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ، ايس يو پي اڳواڻ جڳديش آھوجا، عوامي تحريڪ جو اڳواڻ عبداللھ ٻپڙ، عوامي جمھوري پارٽي جو اڳواڻ رشيد سڌايو، سعيدھ گوپانگ، ڊاڪٽر برما جيسراڻي سميت سنڌ ھائي ڪورٽ بار، سٽي ڪورٽ بار، سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيلن سميت قوم پرست جماعتن جا اڳواڻ ، انساني حقن جا ڪارڪن ، صحافي، اديب ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا وڏي انگ ۾ شريڪ ھئا. مظاھرين ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شديد نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ ڊاڪٽر اجمل ساوند جو قتل شعور علم ڏاهپ جو قتل آهي. پوليس ڏوھارين اڳيان مڪمل طور بيوس بڻيل نظر اچي ٿي، قانون جي بالادستي نھ هجڻ ۽ ڀوتارڪي نظام سبب قبائلي تڪرارن ۾ واڌ ٿئي ٿي. پروفيسر اجمل ۽ ٻيا ڪيترائي انسان بيگناھ شهيد ٿيا آهن. ڊاڪٽر اڪمل ساوند جي قتل جي ذميواري مقامي پوليس، سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ جي گهرو وزير تي آهي. پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت مقامي قبائلي سردارن جي حڪم تي سنڌ جي هر ضلعي ۾ پوليس اهلڪار مقرر ڪري رهي آهي.سنڌ قبيلائي ۽ جاگيرداراڻي ڪوڙھيل سماج جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل آهي. ۽ ان ۾ ڪو شڪ شبھو ناهي تھ اھڙن سماجي ناسورن کي رياستي پٺڀرائي حاصل آهي. ھٿ وٺي سنڌ کي قبائلي ٽولن ۽ ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت امن امان کي تباهه ڪرڻ وارن ۽ انهن جي سهولتڪارن، سردارن، وڊيرن ۽ نوابن سان گڏ آهي. سنڌ جي شعور کي ڀوتاري نظام جي خلاف بغاوت ڪرڻي پوندي، سنڌ کي قبائلي ۽ لساني جنگ جو مرڪز بڻجڻ نه ڏنو ويندو. شهيد ڊاڪٽر اڪمل ساوند جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار ڪري سري عام ڦاھي جي سزا ڏني وڃي. اڳواڻن چيف جسٽس آف پاڪستان کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي گھر ڪئي.
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪاميٽي قبيلائي جھيڙي ۾ قتل ٿيل پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي مُک گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ شاگردن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن عمر نثار، عرفان ڦلپوٽو، فرمان کوسو، سجاد مري، فرمان کوسو، عمر نثار آرائين، سجاد پنهور، سعيد الله چانڊيو، آفتاب گوپانگ، فھد احمد کوسو، توفيق اوڳائي، ابراھيم سومرو، رقيب نوناري، ڏاڏو اسام نظير، مسرور تونيو ۽ چيو ته ھن جديد دور ۾ به سنڌ قبائلي، جاگيرداري توڙي وڏيراشاھي جي باهه ۾ جلي رھي آهي، سنڌ ۾ لاقانونيت جي ڪاري رات آھي، قبيلائي تڪرار سنڌ جي لاء ناسور آھن، قبيلائي تڪرارن سبب بيگناهه انسانن جو قتل معمول بڻيل آهي، قبيلائي جھيڙي سبب ھڪ اعليٰ تعليم يافته پروفيسر ۽ عالم کي گولين جو بک بڻايو ويو، جيڪو سنڌي سماج لاءِ وڏو نقصان آھي. شاگرد مطالبو ڪيو ته پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار ڪري قبيلائي دھشتگردن ۽ سھولتڪارن خلاف آپريشن ڪيو وڃي.
ڪراچي (بيورو) ڪراچي بار جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري جي ايم ڪورائي پروفيسر اجمل ساوند جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته قبيلائي جهيڙا سنڌ جي علم جا دشمن بڻجي ويا آهن، انهن جي خاتمي لاءِ جوڳا اپاءَ وٺڻ ۽ پروفيسر جي خون سان انصاف لاءِ پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي. جي ايم ڪورائي چيو ته پئرس مان پي ايڇ ڊي ڪري آيل استاد اجمل ساوند کي ڪنڌڪوٽ ۾ بيگناهه ماريو ويو، ڪراچي بار جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري جي ايم ڪورائي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته پروفيسر اجمل ساوند جي قتل جي شفاف جاچ ڪرائي ظالمن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.