اسٽيبلشمينٽ، تحريڪ انصاف ۽ حڪومت کي ڳالهين ذريعي معاملا اڳتي وڌائڻ گهرجي: فواد چوڌري

لاهور (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڳالهيون اهو واحد ذريعو آهي، جنهن سان اسان اڳتي وڌي سگهون ٿا ۽ مان ذاتي طور تي اهو سمجهان ٿو ته اسٽيبلشمينٽ کي به ڳالهين ۾ شريڪ ٿيڻ گهرجي، ڇو ته سڄو اختيار انهن وٽ آهي. اسٽيبلشمينٽ ويهي، اسان به ويهون ۽ حڪومت به ويهي ۽ هڪ ٻئي کي جاءِ ڏيون ته جيئن معاملن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ٿي سگهي. هن چيو ته ايران ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن ۾ بهتري آئي آهي ۽ سڄي عرب دنيا ۾ تعلقن جي نوعيت ئي بدلجي وئي آهي پر 1970ع کان انهن سمورن ايونٽس ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ پاڪستان بلڪل هڪ سائيڊ تي ٿي ويو آهي. هن چيو ته اهو عمران خان هو جنهن ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ تعلق جي بحالي لاءِ پاڪستان لاءِ نقطه نظر رکيو هو. هن چيو ته پاڪستان جي سياست کي سازش تحت بحران ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي، اڄ پاڪستان جي سياست کي صحيح ڪرڻ جو واحد رستو اهو آهي ته اسان چونڊن طرف وڌون. ڇا ڪا سياسي جماعت ايتري بزدل ٿي سگهي ٿي جيڪا چوي ته اسان کي اليڪشن ناهي وڙهڻي.هن چيو ته 2 بئنچ،5 بئنچ ۽ ڇهه بئنچ اهو پاڪستان جي ماڻهن جو مسئلو ناهي. پاڪستان جي ماڻهن جو مسئلو اهو آهي ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ٿيڻ گهرجي، جتي اسيمبليون ناهن اتي چونڊيل نمائندا اچڻ گهرجي. ڪنهن به هڪ جج اهو ناهي چيو ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته سيڪيورٽي صورتحال ايتري خراب آهي جو اسان دهشتگردن جي رحم ڪرم تي آهيون. هن چيو ته اسان جي معاشي صورتحال ايتري خراب آهي جو اسان وٽ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ هڪ ڪروڙ ڊالر به ناهن ۽ اسان هڪ ايٽمي طاقت آهيون. هن چيو ته پ پ سياسي سوچ جو مظاهرو ڪيو ۽ فيصلو ڪيو ته اهي ججن کي بدنام ڪرڻ جي ڪنهن به مهم جو حصو نه ٿيندا. هن چيو ته صدر بل واپس ڪري درست فيصلو ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں