دادو(رپورٽ: علي گوھر سومرو) ميهڙ واقع ۾ قتل ٿيل ام رباب چانڊيو جي ٽن گھر _ڀاتين ڏاڏي، چاچي ۽ والد جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي، ھڪ ڀيرو ٻيھر 15 اپريل تائين ملتوي، جوابدار ڌُر جو وڪيل نہ اچڻ ڪري دادو جي ڪرمنل ٽرائل ماڊل ڪورٽ جي جج حافظ عطا الله شيخ ٻُڌڻي مُلتوي ڪري ڇڏي ڪيس جي فريادي پرويز چانڊيو ۽ ام رباب چانڊيو عدالت پھتا الزام ھيٺ آيل پ پ پ ايم پي اي سردار احمد چاہڊيو ۽ ايم پي اي برھان خان چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته گرفتار جوابدار اڳوڻو ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو، سڪندر، مرتضيٰ، علي گوھر ۽ ٻين کي جيل مان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ام رباب چانڊيو عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حيرت جي ڳالهه اها آهي ته گذريل تاريخ تي جوابدارن پاران ڪيس هلائڻ لاءِ اڄ جي تاريخ ورتي وئي هئي پر اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ ورتي وئي آهي واضح رهي ته زميندارن جو ڪيس اهڙي طرح دير ڪرڻ جو مقصد مون کي ۽ منهنجي خاندان کي سرداري نظام جو شڪار بڻائڻ آهي ۽ مان سمجهان ٿي ته جيڪڏهن انصاف ۾ دير ڪئي وئي ته مون کي به قتل ڪيو ويندو آخر اسان کي انصاف ڪڏهن ملندو.
