صدام حسين چاچڙ
برساتي ڏيڏر انهن ڏيڏرن کي چئبو آهي، جيڪي صرف ۽ صرف برسات پوڻ کان پوءِ پنهنجي ڏرن مان نڪري ايندا آهن. برسات کان پھريان اھي ڏسڻ ۾ گھٽ ايندا آهن يا ائين کڻي چئجي ته ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ايندا آهن. جيڪڏهن سنڌ جي عوام کي ان ڏيڏرن سان ڀيٽ ڏني وڃي ته منھنجي خيال ۾ اھا سؤ سيڪڙو صحيح ھوندي، ڇو ته سنڌي عوام به ان وقت ٻاھر ايندي آهي، جڏهن ڪو اھڙو برسات جھڙو واقعو پيش ايندو آهي ان کان پوءِ اھي وري ايسيتائين نظر ڪونه ايندا جيسيتائين وري ٻيو برساتي واقعو پيش نه ٿو اچي. سنڌ جي وسيلن جو ڳالهه ھجي، ڌاري آبادڪاري جو مسئلو ھجي، يا وري بحريه ٽائون جي ڳالهه ھجي. سنڌ جو عوام نڪرندو ته ضرور آھي پر افسوس جو انهن جو اھو جوش ۽ جذبو عارضي ھوندو آھي. ڪجھ ڏينھن تائين ته سوشل ميڊيا تي اھڙو ان مسئلي کي کڻندا آھن، جو لڳندو آهي ته بس ڄاڻ انقلاب آيو. جئين جئين وقت گذرندو ويندو آهي، تيئن تيئن انهن کان وري اھا ڳالھه وسرندي ويندي آهي ۽ ھو وري ساڳو انهن ھوٽلن کي وسائيندا آهن، جٿي ڪٽ چانھ جو پي سڄو ڏينهن انڊيا جي ھلندڙ فلمن تي تبصرو ويٺا ڪندا آهن ۽ وري جڏھن ڪو اھڙو مسئلو ٻڌندا آھن ته انهن کي ساڳيو جنون جاڳندو آهي ۽ پوءِ وري ڌاڙ گھوڙا پيا ڪندا آهن، پر افسوس انهن جي اھا ڌاڙ گھوڙا به عارضي ھوندي آھي. تازه ھاڻي وري ھڪڙو اھڙو مسئلو پيش آيو آهي. ڪنڌڪوٽ جي ھڪڙي معزز ماڻهو پروفيسر اجمل ساوند کي قبائلي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري شھيد ڪري ڇڏيو آهي، پروفيسر اجمل ساوند جنھن لنڊن مان پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ اھو سوچي واپس سنڌ موٽي آيو ته پنھنجن کي پڙھائيندس، پر افسوس جو انهن پنھنجن جي ئي ھٿان شھيد ٿي ويو. شوشل ميڊيا تي ته ائين ٿو لڳي ڄڻ پروفيسر اجمل ھر ھڪ سنڌي جي گهر جو ڀاتي ھيو. سڀ ان جي ڏک ۾ پنھنجي پنھنجي وال تان پوسٽون ھلائي رھيا آھن، جيڪو سٺو عمل آهي پر انصاف رڳو پوسٽون ٽيگ ڪرڻ سان ناھي ملندو ۽ نه ئي وري ڪجھه ڏينهن جي ڌاڙ گھوڙا ڪرڻ سان ملندو آهي. اگر سنڌ جي عوام برساتي ڏيڏر ٿيئڻ بجاءِ لڳاتار جدوجهد ڪري ڏيکاري ته انصاف ملڻ صفا آسان ٿي پوندو، پر افسوس شايد ائين ڪونه ٿي سگھي، ڇاڪاڻ ته اسان جي عوام وٽ ايترو وقت ئي ڪٿي آھي جو يڪو ويھي ان مسئلي تي ڳالهائڻ. اسان ته ڪجھه ڏينهن جي واويلا ڪرڻ جا عادي بڻجي چڪا آھيون. اسان وري خاموشي اختيار ڪري ويھي رھنداسين، وري اسان برساتي ڏيڏر برسات پوڻ تي ئي ٻاھر نڪرنداسين.
