تڪبر جوڳي آمريت جي جهلڪ تي ٻڌل عدالتي فيصلو آئين کي برطرف ڪري نه ٿو سگهي: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ آرٽيڪل 3/184 جي ڪيسن جون ڪارروائيون روڪڻ جو پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اهو فيصلو قرآن پاڪ جي حافظ کي 20 واڌو نمبر ڏيڻ بابت ڪيس ۾ جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ 4 اپريل تي لارجر بئنچ جوڙڻ جي روسٽر تي صحيحون ڪيون، منهنجي فيصلي تي 6 رڪني بئنچ جوڙڻ جي آئين ۽ قانون ۾ اجازت نه هئي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي 29 مارچ جي حڪم کي 6 رڪني بئنچ ڪالعدم قرار نٿي ڏئي سگهي، 6 ججن جو فيصلو آئين جو متبادل نٿو ٿي سگهي، 6 جج تڪڙ ۾ گڏ ٿيا، 6 رڪني بئنچ ڪجهه منٽن ۾ پاڻمرادي نوٽيس جي ڪارروائي کي ختم ڪري ڇڏيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيصلي ۾ چيو آهي ته ڪيسن جو فيصلو قانون موجب نه هوندو ته عوام جو عدليا تي اعتماد نه هوندو، سپريم ڪورٽ رجسٽرار عشرت علي 6 رڪني بئنچ جي روسٽر تي صحيحون ڪري مس ڪنڊڪٽ ڪيو. فيصلي موجب وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ رجسٽرار کي واپس گهرائڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا، سپريم ڪورٽ رجسٽرار منهنجي فيصلي بابت سرڪلر جاري ڪيو، هن آرٽيڪل 3/184 جي فيصلي کي سرڪلر سان انڊو ڪري ڇڏيو، جڏهن اهو اندازو ٿيو ته رجسٽرار جو سرڪلر غير قانوني ۽ غير آئيني آهي ته 6 رڪني لارجر بئنچ جوڙي وئي ۽ 6 رڪني بئنچ جي سربراهه منهنجي نوٽ کي رد ڪري ڇڏيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي نوٽ ۾ چيو آهي ته تڪبر جوڳي آمريت جي ڌنڌ ۾ جڪڙيل عدالتي فيصلو آئين کي برطرف ڪري نه ٿو سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں