تڪرار مان نڪرڻ جو آسان حل اهو آهي ته سڀ جج ويهي آرٽيڪل 167 تحت فيصلو ڪن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (بيورو) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي قانون بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته تڪرار مان نڪرڻ جو آسان حل اهو آهي ته سمورا جج ويهي آرٽيڪل 167 تحت فيصلو ڪن، سپريم ڪورٽ جو مطلب هڪ جج نه پر سمورا 15 جج آهن. اسان چاهيون ٿا ته هي تڪرار نه هجي پر ان تڪرار جو واحد حل فل ڪورٽ جو قيام آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته جيڪي قومون غلطين مان سبق حاصل ڪن ٿيون اهي زنده قومون سڏجن ٿيون، آئين ۽ جمهوريت جو حسن اهو آهي ته غلطين جي نشاندهي مشاورت ذريعي ڪئي ويندي آهي جيڪڏهن ڪو شخص يا ادارو طئي ڪري ته هو غلطي تي  ناهي. پاڪستان جو آئين وڏين قربانين کان پوءِ مليو آهي ، جنهن آئين جو تحفو ڏنو ان کي متنازعه  فيصلي  تحت ڦاهي ڏني ويئي.  آصف علي زرداري سمورن سياستدانن کي گڏ ڪيو ۽ 18هين آئيني ترميم ۾ عدالتي خودمختياري به ڏني وئي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته 18هين ترميم تحت پارليامينٽ غلطين کي درست ڪيو، 18هين ترميم  آئين ۾ آرٽيڪل 10 اي داخل ڪيو ، ڪنهن کي ٻڌڻ کانسواءِ ڪو به فيصلو نه ڪيو وڃي، جمهوريت جنهن ارتقائي عمل مان گذري رهي آهي هاڻي عدليه ان مان گذري پئي. ، چوڌري افتخار جيئن چيو ته ائين ئي ٿيو، افتخار چوڌري چيو ته اسٽيل مل بند ٿئي ته اها بند ٿي وئي. بهتر ڳاله اها آهي ته هاڻي عدالت اندران به مختلف راءِ اچي رهي آهي. پپلزپارٽي کي آئين سان محبت آهي، پيپلز پارٽي جي قيادت هميشه ڪم ذريعي اهو ثابت ڪيو آهي، پيپلز پارٽي جي تاريخ آهي ته سياسي مسئلا سياسي طريقي سان حل ڪيا وڃن، ڪو به سياستدان ٻئي سياستدان کان خوش نه هوندو آهي، عدالت اهڙن تڪرارن کان پاسو ڪندي آهي. آئين پاڪستان عدالت جو احترام واجب قرار ڏئي ٿو، عدالت غير جانبدار آهي، صوبن وچ ۾ تڪرار عدالت ئي حل ڪندي. جسٽس اطهرمن الله ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس جو ذڪر ڪيو، ذوالفقار علي ڀٽو جي ريفرنس جو فيصلو اڃا نه آيو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو کي تڪراري ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي، عمران خان جو هن ملڪ ۾ ڪو به اسٽيڪ ناهي، هو وزير اعظم کان هٽيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي حڪومتن کي به ختم ڪري ڇڏيو. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته هي تڪرار ڪنهن به روڊ تي حل نه ٿيڻ گهرجي، 15 جج  فيصلو ڪن ته ، عدالت جو احترام وڌندو، افتخار چوڌري ۽ ثاقب نثار وانگر فيصلا نه ڪيا وڃن پر  آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪيا وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں