روهڙي(رپورٽ: قمرالدين ميراڻي) روهڙي جي سينئير وڪيل تعلقي بار روهڙي جي اڳوڻي صدر ايڊووڪيٽ پريم ڪمار پرمانند جي روهڙي جي علائقي ڪنڌرا ناڪا سول ڪورٽ روڊ تي لا چيمبر ۾ جمعي جي رات دير سان 3 موٽرسائيڪل سوار اڻڄاتل هٿياربندن آفيس ۾ داخل ٿي آفيس ۾ موجود سپريم ڪورٽ جي وڪيل پريم ڪمار،ڀاءُ ايڊووڪيٽ جئي ڪمار پٽ ڪنار راج ۽ جونيئر رام کي هٿيارن جي زور تي کين يرغمال بڻائي انھن وٽ موجود هزارين رپيا روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري باآساني سان فرار ٿي ويا ايڊووڪيٽ پريم ڪمار کان ڦر جي واردات جي اطلاع ملندئي سکر روهڙي جي وڪلاء برادري،صحافين ۽ علائقي واسي وڏي انگ ۾ سندس آفيس ٻاهران گڏ ٿي ويا ۽ وڪيل برادري پاران ڊسٽرڪٽ بار سکر جي جنرل سيڪريٽري الاهي بخش ميتلو، تعلقي بار روهڙي جي صدر ايڊووڪيٽ غلام نبي چڌڙ،هندو پنچائت روهڙي مکي وڪي ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سول ڪورٽ روهڙي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ۽ واقعي جي سخت مذمت ڪندي چوري ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو،بعد ۾ ڇنڇر جي ڏينھن ڊسٽرڪٽ بار سکر جي سڏ تي سڄي ضلعي ۾ عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو ۽ ڊسٽرڪٽ بار سکر جي صدر شفقت رحيم ۽ جنرل سيڪريٽري الاهي بخش ميلو جي اڳواڻي ۾ سکر، روهڙي ۽ ٻين شهرن سان تعلق رکندڙ وڪلاء برادري پاران ڊسٽرڪٽ بار آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ واقعي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار سکر جي صدر ايڊووڪيٽ شفقت رحيم ۽ جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ الاهي بخش ميتلو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سکر جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي ۽ ڦرلٽ جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن،احتجاجي مظاهرو ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف فوري ڪارروائي ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي،جنھن بعد ايس ايس پي سکر سنگهار علي ملڪ طرفان ايس ڊي پي او روهڙي منصور علي بوزدار، ڊي ايس پي سٽي سکر حضور بخش سولنگي ۽ ايس ايڇ او روهڙي ياسر احمد کوسو تي مشتمل وفد پھچي ڪري وڪلاء برادري سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ وڪلاء برادري کي يقين ڏياريو ته هو 5 ڏينهن اندر ڦرلٽ ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين ڦريل سامان واپس ڪرائيندا،پوليس ۽ وڪلاء برادري وچ ۾ ڪامياب ڳالهين کانپوءِ وڪلاء برادري احتجاج ختم ڪري ڇڏيو،ان موقعي تي تعلقي بار روهڙي جو صدر ايڊووڪيٽ غلام نبي چڌڙ،ايڊووڪيٽ سجاد زنگيجو، ايڊووڪيٽ زاهد شيخ، ايڊووڪيٽ قربان ڪلوڙ، ايڊووڪيٽ ظهير بابر ۽ ٻيا وڪلاء پڻ موجود هئا.
