لاڙڪاڻو(رپورٽ:اڪبر آزاد هيسباڻي) ڪنڌڪوٽ ۾ قبيلائي جھيڙي ۾ قتل ٿيل آءِ بي اي سکر جي پروفيسر اجمل ساوند جي بي رحماڻي قتل خلاف شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ٽيچر ايسوسيئيشن پاران ڪاليج کان يونيورسٽي جي مک گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جتي ٽيچرس وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته مظاهرين سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ٽيچرس ايسوسيئيشن جي صدر عبدالحفيظ ابڙو، جنرل سيڪريٽري امداد ڊومڪي، ڊاڪٽر ڪمليش ڪمار، ڊاڪٽر غلام عباس، ڊاڪٽر عنايت، ڊاڪٽر راجيش ڪمار ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو شھيد اجمل ساوند جو قتل شعور ۽ جو قتل آهي اهو قتل استاد جو قتل آهي جيڪو اعلي تعليم حاصل ڪري پنهنجي ملڪ ۽ سنڌ جي نوجوانن کي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ اجمل ساوند پنھنجن ماروئڙن کي علم جي روشني سان نوازڻ آيو ھو پر انسانيت ۽ علم جي قاتل کيس قبائلي تڪرار جي ور چاڙھي گولين جو نشانو بڻائي قتل ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي سنڌ ۾ لاقانونيت جي ڪاري رات آھي، قبيلائي تڪرار سنڌ جي لاء ناسور آھن، قبيلائي تڪرارن سبب بيگناهه انسانن جو قتل معمول بڻيل آهي، قبيلائي جھيڙي سبب ھڪ اعليٰ تعليم يافته پروفيسر ۽ عالم کي گولين جو بک بڻايو ويو، جيڪو سنڌي سماج لاءِ وڏو نقصان آھي. ھنن چيو ته سنڌ گورنمينٽ کي گهرجي ته هو اعلي تعليم يافته پروفيسر اجمل ساوند جي ٻارن جي تعليم سرڪاري خرچ تي ڏياري انهن جي سار سنڀال لهڻ گهرجي ۽ مقتول اجمل ساوند جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.هوڏانهن اهل فقراءِ لاڙڪاڻو جهوڪ شريف طرفان قبيلائي جھيڙي ۾ قتل ٿيل پروفيسر اجمل ساوند جي قتل واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن صوفي ڪرشن لعل، محسن علي، ڊاڪٽر مجيب، ڊاڪٽر پرديپ، حاجي علي ٻرڙو، برڪت علي ۽ ٻين چيو ته ٻه ڏينهن اڳ قبيلائي جھيڙي جي آڙ ۾ اعليٰ تعليم يافته نوجوان پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند کي سرعام بيدردي سان گولين هڻي قتل ڪيو ويو آهي، جيڪو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي، جڏهن ته سنڌ آخر ڪيسيتائين نوجوانن کي قبيلائي جهيڙن جي ور چاڙهيندي ، شهيد ڊاڪٽر اجمل ساوند فرانس مان پي ايڇ ڊي ڪري سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ پڙهائي رهيو هيو ته اسانجي ٻچڙن جو مستقبل سنوارڻ لاءِ آيو، پر هو جانورن جي ور چڙهي ويو. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي شهيد ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏئي سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.
