ماتلي (ن س) ماتلي ويجھو ڳوٺ صديق سومرو جي ڀرسان زرداري روڊ تي نامعلوم جوابدارن تکي اوزار سان وار ڪري ڳوٺ پير واھ جي رھواسي رڪشا ڊرائيور 24 ورھين جو نرسنگ ڪولھي کي بي دردي سان قتل ڪري سندس رڪشو ڪاهي فرار ويا . ڇنڇر جي رات دير سان ٿيندڙ انھي واقعي جي خبر صبح مھل پئي جڏھن ڳوٺاڻن مقتول نوجوان جو لاش روڊ جي ڀر سان کڏ ۾ پيل ڏٺو . ڳوٺاڻن پاران اھڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ايڌي رضاڪارن معرفت لاش تعلقي اسپتال موڪليو جتي مقتول جي سڃاڻپ سندس پيء ڪرشن پاران پنهنجي پٽ نرسنگ طور ڪئي . بعد ۾ تعلقي اسپتال ۾ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو . مقتول جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن موجب ته مقتول جي جسم تي تکي ڌار جا 19 وار ٿيل آھن . ھوڏانھن پوليس پاران شڪ جي بنياد تي ھڪ عورت سميت ٽن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو آھي . ھوڏانھن مقتول جي وارثن مردن ۽ عورتن پاران پوليس تي عدم اعتماد ڪندي ماتلي حيدراباد روڊ تي پير واھ بس اسٽاپ وٽ مقتول جو لاش روڊ تي رکي ڌرڻو ھنيو ويو. ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان وڏي انگ ۾ گاڏيون جمع ٿي ويون ۽ مختلف شھرن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي بعد ۾ ڊي ايس پي ماتلي اي ايس پي ماجدا ھاليپوٽو ۽ پوليس ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون ۽ وارثن جي مرضي مطابق ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ تي مظاھرين پاران ڌرڻو ختم ڪيو ويو. مقتول نوجوان نرسنگ جي پيرسن پيء ڪرشن ڪولھي جو چوڻ آھي ته پٽ ھڪ ڏينهن اڳ کان گم ٿيل ھو جنهن کي بي دردي سان قتل ڪري رڪشو ڦر ڪيو ويو آهي، قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
