ملير(ڊ ر) ايجوڪيشن سٽي جي نالي تي ڳوٺاڻن جي سروي زمينن تي قبضو ڪرڻ ۽ قديم ڳوٺن کي بي دخل ڪرڻ خلاف ملير جي قومپرست، سياسي سماجي ڌرين، وڪيلن ۽ ملير جي مختلف راڄن جو ڪٺ ٿي گذريو جنهن ۾ سنڌ انڊيجينئس رائٽس الائنس جي اڳواڻن سيد خدا ڏنو شاهه، عبدالخالق جوڻيجو، حفيظ بلوچ، ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ اعجاز سامٽيو، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ علي محمد بلوچ، انڊيجينئس ليگل ڪميٽي جي اڳواڻن ايڊوڪيٽ ڪاظم مهيسر، ايڊوڪيٽ عبيرا اشفاق، قومي عوامي تحريڪ جي اشفاق انڙ، ساجد غلام جوکيو، احمد شبر، صديق بلوچ، مراد بلوچ، سلمان بلوچ، عظيم دهڪان، اڪرم جوکيو، عبدالخالق بروهي کانسواءِ ملير جي مختلف علائقن جي راڄن جي چڱن مڙسن ۽ ڳوٺاڻن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي انڊيجيئنس رائٽس الائنس جي مرڪزي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته ايجوڪيشن سٽي کي 28 سئو ايڪڙ زمين الاٽ ڪيل آهي جڏهن ته ايجوڪيشن سٽي جي نالي تي 19 هزار ايڪڙ زمين تي ناجائز قبضو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اڪرم جوکيو جي 100 ايڪڙ سروي ۽ ليز زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ جيڪا چڙهائي ڪئي وئي هئي اها غير قانوني هئي ڇاڪاڻ ته اڪرم جوکيو جي زمين ايجوڪيشن سٽي جي حدن کان ٻاهر آهي، هن چيو ته اسان پنهنجا ڳوٺ ۽ زمينون بچائڻ لاءِ قانوني ۽ سياسي ويڙهه ڪنداسين، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن زمينون ختم ٿي ويون ته سنڌ تي اسان جي حق حاڪميت ۽ وجود ختم ٿي ويندو، انهي ڪري اسان سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي آهي، ان موقعي تي انڊيجئنس رائٽس الائنس جي مرڪزي اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته جيڪي اسڪيمون يا پروجيڪٽ مقامي ماڻهن کي ترقي نه ڏئي سگهن اها ترقي نه پر تباهي آهي، هاڻ اسان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان کي ڌرتي کپي يا پيپلز پارٽي کپي جيڪا پنهنجي مفاد خاطر ڌرتي ڌڻين جا مفاد وڪڻي ٿي، هن چيو ته پيپلز پارٽي گذريل 50 سالن کان سنڌ کي لٽيندي اچي، اسان کي گهرجي ته جدوجهد کي پنهنجي هٿن ۾ رکون، هن چيو ته ليڊر اهو آهي جيڪو ميدان جنگ واري عمل ۾ موجود هجي، ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جون زمينون، وسيلا ۽ سڀ ڪجهه اسان کان کسجي رهيو آهي جيڪڏهن ڌرتي نه رهي ته اسان به نه رهنداسين، هن چيو ته جيڪڏهن ڌرتي تي والار بند نه ٿي ته بحريا ٽائون وانگر احتجاج ڪري ڌرڻو هڻنداسين، ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ علي محمد بلوچ چيو ته ڪراچي کان وٺي ٺٽو، ڄامشورو ۽ ٿر تائين قبضا ڪري سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته عوامي تحريڪ زمينن تي والار خلاف ڳوٺاڻن جي جدوجهد ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندي، ان موقعي تي ڳوٺ جي چڱي مڙس اڪرم جوکيو چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي مالڪاڻي زمين تي بلڊوزر ڪاهي حملو ڪيو ويو ۽ مون کي زمين خالي ڪرڻ ۽ لڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون جنهن ڪري آئون مايوس ٿي ويس پر اڄ سنڌ جي قومپرست، سياسي سماجي ڌرين ۽ راڄن جي چڱن مڙسن جو هيڏو وڏو ميڙاڪو ڏسي مون ۾ جدوجهد جو اتساهه پيدا ٿيو آهي هن چيو ته مرڻ گهڙي تائين پنهنجون زمينون ۽ ڳوٺ خالي نه ڪندو، ڳوٺاڻن جي ڪٺ کي انڊيجينئس ليگل ڪميٽي جي اڳواڻ ايڊوڪيٽ ڪاظم مهيسر خطاب ڪندي چيو ته اسان بحريا ٽائون خلاف ڳوٺاڻن سان گڏجي قانوني جنگ ڪئي آهي ۽ هاڻ به ڳوٺن ۽ زمينن جي بچاءَ لاءِ اوهان سان گڏجي قانوني جنگ ڪنداسين، ان موقعي تي سماجي اڳواڻ صديق بلوچ چيو ته ملير کي حڪومت هٿ وٺي تباهه ڪري رهي آهي هو گذريل ڪيترن ئي سالن کان ملير جي ندين مان ريتي بجري جي خلاف جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ ڪورٽ ۾ سندس حق ۾ فيصلو ڏنو پر ان باوجود ريتي بجري جي چوري بند نه ٿي آهي، ڳوٺاڻن جي ڪٺ کي ساجد غلام جوکيو، احمد شبر، عبدالخالق بروهي، حفيظ بلوچ، الياس رند، اُبيرا اشفاق، سليم سالار، نورين فاطمه، اشفاق چنڙ، ڊاڪٽر عبدالرئوف، ڪليم دراني، عظيم دهڪان، جانشير جوکيو ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو ۽ آخر ۾ قرار دادون پيش ڪري مطالبو ڪيو ويو ته ايم ڊي اي ۽ ايجوڪيشن سٽي کي ختم ڪرڻ، بحريا ٽائون کي ڪورٽ جي فيصلي تحت 16 هزار ايڪڙن تائين محدود ڪرڻ، غير قانوني هائوسنگ اسڪيمون رد ڪرڻ ، ملير جي قديم ڳوٺن کي تحفظ ڏيڻ ۽ ملير جي آبادگارن کي 30 سالا ليز تي مليل زمينون رد ڪرڻ واري فيصلي کي ختم ڪري کين ٻيهر زمينون الاٽ ڪيون وڃن.
