مياڻي فاريسٽ جي حدن مان سکر- حيدرآباد موٽر وي ايم 6 اڏڻ جو ماحول مخالف فيصلو

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سکر – حيدرآباد موٽروي سنڌ جي تاريخي مياڻي فاريسٽ جي حدن مان گذارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مياڻي فاريسٽ جي حدن مان سکرــ حيدرآباد موٽر وي ايم 6 جي ماحول مخالف رٿا جوڙي وئي آهي. جتي مياڻي ٻيلي کان سواءِ خان پوٽا ٻيلو ،شاه بخاري ٻيلو،گندي ٻيلو ۽ رائلو ٻيلو جي 260 ايڪڙ زمين تي موٽر وي ٺهڻو آهي. حيرت جي ڳالهه هيءَ آهي ته سنڌ جي صوبائي حڪومت مياڻي جي تاريخي ٻيلي ۽ ٻين ٻيلن جي زمين بچائڻ جي لاءِ ڪوبه اعتراض نه واريو آهي. جڏنهن ته تاريخي ٻيلي کي بچائڻ لاءِ موٽر يوي رٿا کي درياءَ جي بچاءَ بند واري طرف پڻ سولائي سان موڙي سگهجي پيو. هوڏانهن هنن سٽن جي لکجڻ تائين ڪنهن به ماحول دوست اداري مياڻي فاريسٽ ۽ ٻين ٻيلن جي زمين کي بچائڻ لاءِ احتجاج طور اعتراض وارڻ به سامهون نه آيو آهي.رپورٽ موجب کير ٿر نيشنل پارڪ جي وچ مان انڊس هاءِ وي منصوبي وانگر هن وقت سکر ــ حيدرآباد موٽر وي وارو منصوبو جنهن کي موٽري ايم 6 جو نالو ڏنو ويو آهي. ان رٿا جي سنڌ جي تاريخي ٻيلي مياڻي مان گذارڻ واري رٿا جوڙي وئي آهي. سنڌ جي ٻيلي کاتي ۾ مياڻي ٻيلي کي هڪ تاريخي حيثيت حاصل آهي.( هونءَ مياڻي واري هنڌ تي 1846 ۾ انگريزن جي قبضي واري آخري جنگ به اتي وڙهي وئي هئي ان جنگ ۾ هوشو شيدي جو مشهور نعرو مرسون ، سنڌ نه ڏيسون وارو تاريخي نعرو به رڪارڊ تي موجود آهي) ورتل رپورٽ موجب هن ٻيلي ۾ سيري ڪلچر ۽ سلوي ڪلچر وارا ادارا واقع آهن. ٻيلي سان لاڳاپيل ڪلچر جي فطري صنعت جن ۾ ماکي، کنئور، پلڙو، پن، لاک ۽ ان سان ٻيلي مان ملندڙ ٻين شين بابت ڄاڻ ڏني وڃي ٿي. هتي پٽ وارا ڪينئان پاليا وڃن ٿا. هتي ماکي پالڻ وارو ادارو ۽ فاريسٽري اسڪول پڻ واقع آهي. جتي فاريسٽ جي اسٽاف ۽ جهنگلي جيوت کاتي جي عملي کي پڻ تعليم ڏني ويندي آهي.انهيءَ ٻيلي ۾ ڪلهوڙا دور جو تاريخي ريسٽ هائوس واقع آهي. جنهن ۾ انگريز دور ۾ جديد گهرجن واري وڌيڪ واڌ ويجهه ڪئي وئي.ان دور کان وٺي اڄ تائين ڪجهه گهڙيون فطري سڪون جي حاصلات لاءِ وڻن جي وچ ۾ پکين جون ٻوليون ٻڌڻ لاءِ سياح مياڻي پهچن ٿا. مياڻي ٻيلي ۾ ٻيلي کاتي جو رسرچ سينٽر قائم ڪيل آهي. جتي سنڌ جي قديم وڻڻ ۽ ٻاهر جي وڻن تي تحقيقي ڪم پڻ ٿئي ٿو. هن ٻيلي جي گيسٽ هائوس جي مين گيٽ تي RETREAT لکيل آهي.( سڪون وارو هنڌ) جتي ماڻهو هن شور ۽ گوڙ واري ماحول کان سواءِ گهڻي ڪم واري دٻاءَ کان بچڻ لاءِ ڪجهه گهڙيون سڪون حاصل ڪري پنهنجي پاڻ کي ري ٽريٽ (ٻيهر بحال ) ڪري سگهي ٿو. ان ٻيلي جي اولهه واري طرف جتان درياءَ جو بچاءُ بند گزري ٿو ان طرف کان سکر ــ حيدرآباد موٽر وي گذارڻ جي رٿا تجويز ڪئي وئي آهي. ان تجزير ڪيل رٿا ۾ ٻيلي کاتي جي زريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب 260 ايڪڙ 46 گهنٽا جي ايراضي جي حدن مان موٽري وي ايم 6 گذرڻو آهي. جن جا تفصيل هن ريت آهن.مياڻي ٻيلو 125 ايڪڙ ،خان پوٽا ٻيلو 16 ايڪڙ 99 گهنٽا،شاه بخاري ٻيلو 67 ايڪڙ 15 گهنٽا،گندي ٻيلو 22 ايڪڙ،رائلو ٻيلو 28 ايڪڙ 44 گهنٽا موٽر وي ايم 6 ۾ اچن ٿا. مياڻي ٻيلي ۾ گرين پاڪستان واري پروجيڪٽ تحت ٻٻرن جون نيون وسيع هڙيون لڳايل آهن. ان کان سواءِ مياڻي ٻيلي ۾ قديم وڻ پڻ موجود آهن. جن جو ڪاٿو هڪ لک982 وڻ ڳڻيا ويا آهن. جيڪي موٽري رٿا ۾ تباه ٿي ويندا. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ٻيلي کاتي پاران آفيشل بنياد تي ڪنهن به قسم جو اعتراض نه واريو ويو آهي. جڏنهن ته ٻيلي کاتي پاران ٻيلي جي زمين ۽ وڻن جي مد ۾ 887 پوائنٽ375 ملين رپيا پڪي ۽ ڪچي واري ٻيلي جي مد ۾ معاوضو ڀري ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. هوڏانهن سنڌ جي انوائرمينٽ پروٽيڪٽ ايجنسي ٻيلي جي زمين جي حدن مان موٽر وي جي رٿا تي سخت اعتراض واريو آهي. اين ايڇ اي مقرر ڪيل ڪميٽي جي سفارش جي روشني ۾ 83 ايڪڙ پوانٽ 10 گهنٽا ٻيلي جي زمين رٿا ۾ اچڻ مڃيو آهي. جنهن جي مد ۾ 2 ٻه ڪروڙ 93 لک رپيا ٻيلي کاتي کي معاوضي طور ڏيڻا ڪيا ويا آهن. هڪ لک وڻن جي جاءِ تي هڪ ڪروڙ وڻ، هڪ وڻ جي بدران ڏهه وڻ لڳرائي ڏيڻ واري فارمولي جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته حيدرآباد ميرپور خاص جي ٻنهي ڪنارن سان قديمي گهاٽا وڻ موجود هئا. جيڪي نئون روڊ ٺاهڻ وقت اهو چئي وڍيا هئا ته ،روڊ ٺاهڻ کان پوءِ روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڏهه لک وڻ ٻيهر پوکي سنڀالي وڏا وڻ ڪري ڏنا ويندا.اها ڳالهه ڏهه سال اڳم ڪئي وئي هئي.. جنهن جو نتيجو سڀني جي سامهون آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں