ميرپورخاص ۾ ڳوٺاڻي جو ساهرن جي مبينا ناجائزين خلاف احتجاج

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) منھنجي غير موجودگيءَ ۾ منھنجي سھري ، سالي ۽ ٻين ماڻهن سان گڏ منھنجي گھر تي ڪاھ ڪري منھنجي والدين کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي گھر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪرڻ بعد گھر م پيل روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن اھڙو اظھار ضلع بدين جي ڳوٺ سنگل چوڪ واسي ڳوٺاڻي مگھن ڪولھي پنھجي والدين سميت ساھرن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب پھچي صحافين اڳيان دانهيندي ڪيو ، ڳوٺاڻي وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينهن منھنجي غير موجودگيءَ ۾ منھنجو سھرو ڪرشن ڪولھي ،ڌنجي ڪولھي ، دادو،ڌرمون ،روپو ڪولھي ٻين پاران ھٿيارن سميت منھنجي گھر تي ڪاھ ڪري چيو ته آئون سندن نياڻي کي خوش نٿو رکان جنھن ڪري ڄاڻايل ماڻھن پاران منھنجي پيرسن والدين تي سخت تشدد جو نشانو بنائڻ بعد گھر ۾ ڀڃ ڊاھ  ڪرڻ بعد گھر ۾ روڪ رقم ڏيڍ لک روپيه روڪ رقم کڻڻ بعد منھنجي گھرواري شريمتي ماروي سميت چئن ٻارن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا آهن جڏهن ته ڄاڻايل ماڻھن پاران ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنھن ڪري ڄاڻايل ماڻھن مان زندگين کي خطرو آهي جڏهن ته اھڙي شڪايت حد جي پوليس کي ڏيڻ باوجود پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري جيڪڏهن مجبور ٿي ھتي پھتا آھيون ڳوٺاڻي آئي جي سنڌ ، ايس ايس پي بدين سميت وسوارن اختيارين کان پرزور مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس ڄاڻايل ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪري منھنجي زال ۽ ٻارن کي واپس ڏياري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں