نوشهروفيروز (ڊ ر) ڊجيٽل آدمشماري، سنڌ جا ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ ۽ لکين غير ملڪين کي ملڪ جي شهرين جهڙا حق ڏيڻ خلاف عوامي تحريڪ طرفان پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ستار رند سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام علي زنور، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آڊيٽر مظھر خاصخيلي، سگا نوشهروفيروز ۽ ڦل جي صدرن اعظم عالماڻي، خالد ميمڻ، اسڪارپ ايريگيشن يونين جي صدر ساگر يوسف منگي، عوامي تحريڪ جي ضلع جنرل سيڪريٽري حسين سومرو، يونس راڄپر ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. سيمينار کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ مٿان گهڻ طرفو حملو ڪيو ويو آهي، هڪڙي پاسي ڊجيٽل آدمشماري ذريعي ڌارين کي سنڌ جو شهري ڳڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ته ٻي طرف وري محسن داوڙ ذريعي پارليامينٽ ۾ بل پيش ڪيو ويو آهي ته سمورن پرڏيهين کي ملڪ جي شهرين وارا حق ڏنا ويندا. پرڏيهين کي سنڌ ۾ مستقل رهائش ڏيڻ وارو بل پيش ڪري پاڪستان ۾ نئون اسرائيل ٺاهڻ جي آمريڪي سامراجي سازش کي عملي جامو پهرايو ويو آهي. مٿان وري ٻيٽ وفاق حوالي ڪري سنڌين کان زمينون ۽ وسيلا ڦري سنڌين کي فلسطينين جيان پنهجي وطن ۾ بي وطن ڪيو پيو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته نيشنل رفيوجي بل 2023ع ڪراچي بدامني ڪيس ۾ ڏنل سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. ڪراچي ۾ افغانستان جا جهنڊا کڻي اچي روڊ بند ڪري، غير قانوني طور آيل پرڏيهين کي دهشتگردي ڦهلائڻ جي کلي ڇوٽ مليل آهي. جيئن ضياء الحق جي سربراهي ۾ ضيائي ٽولي اسرائيلي فوج سان گڏجي معصوم فلسطينين مٿان حملو ڪري فلسطين کي ڌارين دهشتگردن جي حوالي ڪيو هو. فلسطين ۾ رتوڇان ڪرائي فلسطينين مٿان ظلم ۽ جبر ڪندڙ عالمي سامراجي قوتون ضيائي ٽولي وسيلي سنڌي عوام جي نسل ڪشي ڪري سنڌ پرڏيهي دهشتگردن حوالي ڪري رهيون آهن. محسن داوڙ جو پيش ڪيل بل نئين اسرائيل کي عملي جامو پهرائڻ وارو بل آهي. افغاني اسمگلر پاڪستاني اشرافيا کي خريد ڪري ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ ٿي ويا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته غير ملڪين کي ملڪي شهرين جهڙا حق ڏيڻ جو بل سنڌ مٿان ڪاھ آهي. سنڌي عوام کي ڀرپور تياري ڪري پرامن جمهوري جدوجهد جو دائرو وسيع ڪرڻو پوندو. سيمينار ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
