اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته ڪير چئي رهيو آهي ته کيس آءِ ايم ايف روڪي ڇڏيو آهي، آءِ ايم ايف ائين نٿو ڪري سگهي، پاڪستان عالمي مالياتي اداري ۽ عالمي بئنڪ جو ميمبر آهي ڪو فقير نه آهي. اسلام آباد ۾پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ناڻي واري وزارت جي اهم ذميواري پئسن جي حوالي سان آهي، سُپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي اليڪشن ڪميشن کي 21 ارب رُپيا ڏيڻ جو چيو آهي، اعليٰ عدالت طرفان وفاقي سرڪار کي رقم ڏيڻ لاءِ ڏهه اپريل جي مهلت ڏني وئي آهي، عدالت اليڪشن ڪميشن کي اِها هدايت پڻ ڪئي آهي ته 11 اپريل تائين اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو وڃي. اسحاق ڊار چيو ته اڄ آمريڪا وڃڻو هئس، پرينهن ورلڊ بئنڪ اختيارين سان اسپرنگ اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي هئي پر آءِ ايم ايف اجلاس بابت ميڊيا تي اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن، آءِ ايم ايف جون اپريل ۾ اسپرنگز ميٽنگز ٿينديون آهن. سندس چوڻ هوته پاڪستان ۾ آئيني بحران واري صورتحال آهي، قوم طور هڪ ڪُن ۾ ڦاٿل آهيون، وزيراعظم جي چوڻ تي مون آمريڪا جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، مُلڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي واشنگٽن شيڊول اجلاس ۾ ورچوئل شرڪت ڪندس. ناڻي واري وزير چيو ته اهم قومي معاملن تي لوز ٽاڪ ۽ لوز تجزيه مناسب عمل نه آهي، ڪو چئي رهيو آهي ته مون کي آءِ ايف منع ڪري ڇڏيو آهي، آءِ ايم ايف مون کي منع نٿو ڪري سهگي، پاڪستان آءِ ايم ايف جو ميمبر آهي فقير نه آهي. سندس چوڻ هو ته ڏکين معاشي حالتن باوجود ڪنهن هڪ به عالمي ادائيگي ۾ هڪ منٽ به دير ناهي ڪئي، آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿيڻ وارو آهي، هڪ دوست مُلڪ آءِ ايم ايف کي ٻه ارب ڊالرن جي ادائيگي جي تصديق ڪري چڪو آهي ۽ هڪ ٻئي دوست مُلڪ طرفان هڪ ارب ڊالر جي تصديق جو انتظار آهي.
