پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل پوليس کان ڏاڍا، هڪ به جوابدار گرفتار نه ٿيو، پوليس طرفان گهر ڊاهي پٽ

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: گل محمد کوسو)ڪنڌڪوٽ آءِ بي اي جي پروفيسر شهيد اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس جو ٽئين ڏينهن به مختلف ڳوٺن ۾ چڙهايون گهر ڊاهيپٽ بلڊوز ڪيا ويا.پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته اجمل ساوند کي قتل ڪندڙ ڪيس ۾ نامزد مک جوابدارن سميت 20 گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن.ان سلسلي ۾ ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ هو ته جيستائين اجمل ساوند کي قتل ڪندڙ قاتلن جي گرفتاري نه ٿيندي ايستائين چڙهايون جاري رهنديون هن چيو ته اجمل ساوند کي قتل ڪندڙ مک جوابدارن جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن وڌيڪ ڪاروايون جاري آهن.ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته پوليس ڪارروائي کان اڳ ئي قاتل درياءَ پار فرار ٿي ويا آهن پوليس ڪنهن به صورت ۾ قاتلن کي گرفتار ڪندي.گذريل ڏينهن ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿي چڪو آهي پر پوليس ڪنهن هڪ جوابدار کي به گرفتار نه ڪري سگهي.اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ سبب ساوند برادري ۾ تاءُ پکيڙيل آهي ۽ علائقي ۾ ڏک واري لهر ڇانيل آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں