ڪنريءَ ۾ آبپاشي داروغي خلاف متاثر عورت جي وارثن جو احتجاج

ڪنري (ن س) ڪنري ڀرسان ڳوٺ تار بابو آرائين ۾ 7 ڏينھن اڳ آبپاشي کاتي جي داروغي عبدالشڪور آرائين ۽ ٻين هارياڻي عورت سانوري سولنگي تي تشدد ۽ تذليل ڪندڙ داروغو گرفتار/ نه ٿيڻ خلاف عورت جي وارثن نيشنل پريس ڪلب ڪنري آڏو احتجاجي مظاھرو ڪندي نعريبازي ڪئي، سولنگي برادري جي ماڻھن علي بخش سولنگي، محمد يوسف، محرم علي ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام ھنيو ته7 ڏينھن پھريان ٻنيءَ ۾ گاھ ڪرڻ دوران بااثر داروغي شڪور آرائين ۽ سندس پٽ احتشام شڪور اسان جي عورت سانوري سولنگي تي تشدد ۽ تذليل ڪئي. پوليس 7 ڏينھن گذرڻ باوجود بااثر داروغي کي گرفتار ناهي ڪري سگھي، ھاڻ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪايو پيو وڃي. ھنن گھر ڪئي ته بااثر ظلم ڪيو آھي، کيس جلد کان جلد گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں