گيانچند ايسراڻي جي ڪوشش سان اڏيرولال ۾ 3 مندر تعمير ٿيندا: عزت علي برهماڻي

اوڏيرولال(ن س) اڏيرولال اسٽيشن ۽ بهريون ۾ ٽي مندر تعمير ٿيندا، جن جي تعمير لاءِ تقريبن ڏيڍ ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن، اهڙن خيالن جو اظهار پ پ پ اڳواڻ عزت علي برهماڻي ۽ ديوان ليکراج ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو آهي ته هنن اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي کي خط لکي آگاهه ڪيو هو ته اڏيرولال اسٽيشن ۽ بهريون ۾ مندر جي ضرورت آهي ته جيئن هندو ڀائر پنهنجي پوڄا پاٽ آساني سانڪري سگهن، جنهن کانپوءِ اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي فوري طور تي نوٽيس وٺندي 2 مندر اڏيرولال اسٽيشن ۽ 1 مندر بهريون ۾ تعمير ڪرائڻ لاءِ تقريبن ڏيڍ ڪروڙ رپيا مختص ڪيا آهن. هنن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ اقليتي معاملن واري کاتي جا ڪامورا پهچي سرزمين جو معائنو پڻ ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں