باڊهه ۾ رستو نه ڏيڻ تان ٽريڪٽر ڊرائيور جو پورهيت مٿان وحشياڻو تشدد

باڊھ(ن س) باڊھ شھر جي پنھور پاڙي جو رھواسي گڏھ گاڏو ھلائيندڙ پورھيت صداقت پنھور پنيھڙ شاخ کان باڊھ شھر طرف گڏھ گاڏي تي بۡھ جو گاڏو ڀري اچي رھيو ھو ته رستو نه ڏيڻ تان مڇرجي ٽريڪٽر ڊرائيور رسول بخش عرف ڪراڙو گاڏھي کيس لٺين سان بد ترين تشدد جو نشانو بڻايو جنھن جي نتيجي ۾ پورھيت جي پٺي تي تشدد جا نشان ٺھي پيا ھوڏانھن باڊھ ٿاڻي تي پورھيت جي فرياد تي پوليس اين سي داخل ڪري کيس علاج لاء ليٽر ڏئي اسپتال اماڻي ڇڏيو جڏھن ته پوليس بااثر ٽريڪٽر ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائيندي رھي ٻئي طرف متاثر پورھيت صداقت پنھور صحافين اڳيان دانھيو ته بااثر ٽريڪٽر ڊرائيور بيگناھ مون کي وحشياڻي تشدد جو شڪار بڻايو آھي باڊھ ٿاڻي تي اين سي داخل ٿيڻ جي باوجود به پوليس کيس گرفتار ڪرڻ کان لنوائي پئي ھن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري مون کي انصاف فراھم ڪيو وڃي نه ته ايس ايڇ او جي خلاف پنھنجي گھر ڀاتين سميت سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندس. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں