بحران جو خاتمو: پ پ پي ٽي آءِ سان رابطي جو فيصلو ڪري ورتو، 3 رڪني ڪميٽي قائم

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ ۾ جاري سياسي بحران ۾ مفاهمتي ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ حرڪت ۾ اچي وئي. حڪومتي اتحادي پارٽين کي ڳالهينqa تي راضي ڪرڻ لاءِ سينئر اڳواڻن تي ٻڌل 3 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي. آئيني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گريٽر ڊائيلاگ ۾ تحريڪ انصاف سان به  رابطو ڪيو ويندو. ملڪ ۾ جاري سياسي بحران جي خاتمي لاءِ پيپلز پارٽي مفاهمتي مشن جي شروعات ڪري ڇڏي. اتحادي حڪومت جي پارٽين کي راضي ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي 3 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ان حوالي سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، سيد نويد قمر ۽ قمرالزمان ڪائره کي مفاهمتي ڪميٽي جو ميمبر نامزد ڪري ڇڏيو آهي. پارٽي چيئرمين جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو چيئرمين سيڪريٽريٽ کان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. پارٽي ذريعن موجب مفاهمتي ڪميٽي جي ميمبرن حڪومتي اتحادي پارٽي جي سربراهن سان ملي انهن کي آصف زرداري جي تحريڪ انصاف سان جامع ڳالهين جي تجويز تي قائل ڪندا. مفاهمتي ڪميٽي اتحادي پارٽين سان ملاقاتن کان پوءِ هڪ گڏيل ايجنڊا تيار ڪندي جنهن ۾ سياسي ۽ آئيني بحران جي خاتمي لاءِ تحريڪ انصاف سان رابطو پڻ شامل آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں