جهڏو(ن س) جهڏو ۾ خوراڪ کاتي ۽ روينيو عملدارن جي ڪارروائي هزارين مڻ ڪڻڪ هٿ، ڊي ايف سي ميرپورخاص وسيم عباس ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جهڏو ريحان ڏيٿو جهڏو ۾ ٻن ڪڻڪ جي واپارين جي گدامن تي ڇاپا هڻي هزارين مڻ ڪڻڪ هٿ ڪري ورتي آهي عملدارن جهڏو اسٽيشن روڊ تي واپاري ڪامران تاج جي گدام تي ڇاپو هنيو جتي ڪڻڪ جا ست کان اٺ هزار ڪٽا هٿ ڪيا ويا آهن ٻئي طرف جهڏو لڳ حيات خاصخيلي ۾ جميل مغل جي ڪڻڪ گدام تي ڇاپو هڻي پنج کان ڇهه هزار ڪڻڪ جا ڪٽا هٿ ڪيا ويا ان موقعي اي سي جهڏو ٻڌايو ته سرڪاري پاليسي موجب 200 ڪٽن کان مٿي ڪو به واپاري ڪڻڪ ذخيرو نٿو ڪري سگهي ڳجهي اطلاع تي اسان جهڏو ۾ ڪاروائي ڪري هزارين ڪٽا ڪڻڪ جا هٿ ڪيا آهن هٿ آيل ڪڻڪ کي سرڪاري طور ضبط ڪيو ويندو ۽ واپارين کي ڪڻڪ جي سرڪاري اگهه چار هزار رپيا مڻ جي حساب سان رقم ادا ڪئي ويندي.
