حڪمران اتحاد عدالتي سڌارن واري بل تي سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) حڪمران جماعتن عدالتي سڌارن واري بل تي سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ جوڙڻ واري قدم کي رد ڪري ڇڏيو آهي. قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پِڪ اينڊ چُوز ذريعي 8 رڪني لارجر بينچ جوڙي وئي آهي، سليڪٽو بينچ ۾ سينيارٽي جا سمورا اصول رد ڪيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ اتحادي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته توقع آهي ته بينچ اڄ ٽٽي پوندي، قانون ٺهي وڃڻ بعد عدالت ان جو جائزو وٺي سگهي ٿي، هاڻوڪي بل کي پري ميچوئر مرحلي ۾ بينچ آڏو لڳايو ويو آهي. هن جو چوڻ هو ته بل اڃا پارليامينٽ وٽ آهي ۽ سپريم ڪورٽ ان کي کڻي ورتو آهي، اداري اندر ورهاڱو وڌيڪ کلي سامهون آيو آهي، عدالتي سڌارن واري بل تي سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ جوڙڻ واري قدم کي رد ڪيون ٿيا. قمر زمان ڪائرا چيو ته بل اڃا پارليامينٽ وٽ آهي ۽ سپريم ڪورٽ ان کي کڻي ورتو آهي، پارليامينٽ جي قانونسازي واري اختيار کي روڪڻ جي ڪوشش قبول نه آهي، اسان سڀني پارليامينٽ جي اختيار لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي. اي اين پي جي ميان افتخار چيو ته سينيئر ججز تي ٻڌل بينچ ٺهڻ گهرجي ها، اسان اڄ به چئون ٿا ته فل ڪورٽ جوڙي وڃي، عدليه جي وقار خاطر هن بينچ تي نظر ثاني ٿيڻ گهرجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں