سنڌ جو امن امان هٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي:رياض چانڊيو

سکر (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو نواز شاهه ڀاڏائي ريحان ڪاغذي ۽ سليم حاجاڻي شھيد پروفيسر اجمل ساوند جي ڀاء ڊاڪٽر طارق ساوند وٽ پھچي ساڻس تعزيت ڪئي ان موقعي تي ڳالھائيندي رياض چانڊيو چيو ته ھٿ وٺي سنڌ جو امن امان تباھ ڪيو ويو آھي صدين کان وٺي باھمي رواداري سان رھندڙ سنڌي ذاتين ۽ برادرين کي قبيلائي دھشتگردي جي طرف ڌڪيو ويو آھي شھيد اجمل ساوند جو قتل ھڪ سازش جو نتيجو آھي سنڌ تي قابض ڌريون نه پيون چاھين ته شھيد اجمل جھڙا پاڻ ارپيندڙ ماڻھو سنڌ کي علم ۽ روشني سان منور ڪن ان ڪري پلاننگ سان کيس راھ تان ھٽايو ويو جيڪو اسان جو قومي نقصان آھي حڪومت ڏوھارين ۽ قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي سنڌ جي شھرين کي تحفظ فراھم نٿو ڪيو وڃي خوف ۽ بک جو نظام اسان تي ھٿرادو طور مسلط ڪيو ويو آھي سنڌ ۾ قانون ته ناھي باقي طاقتور ڏوھارين جو راڄ آھي اسان جي سماجي معاشي ۽ علمي اوسر منصوعي طريقي سان روڪي وئي آھي اسان جي عوام کي ڏاھپ جي جاء تي ھٿن ۾ ھٿيار ڏنا ويا آھن ٻي طرف جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي پريس پڌرائي موجب شھيد اجمل ساوند جي بيگناھ قتل ۽ سنڌ ۾ ھٿرادو پيدا ڪيل قبيلائي دھشتگردي خلاف 15 اپريل ڇنڇر جي ڏينھن صبح 11 بجي ڪنڌڪوٽ ۾ امن مارچ ڪيو ويندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں