سنڌ ۽ مهراڻ يونيورسٽي جا ملازم سراپا احتجاج، ڪم ڇڏ هڙتال، ڌرڻو

ڄامشورو ( ڊ۔  ر ) ڄامشورو جي ٻن تعليمي ادارن  سنڌ يونيورسٽي ۽ مھراڻ يونيورسٽي جا ملازم پنھنجي جائز مسئلن جي حل لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آھن ان سلسلي ۾ گذريل يارھن ڏينھن کان سنڌيونيورسٽي جي ملازمن جو احتجاج جاري آھي سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن طرفان وائيس چانسلر جي نوٽيفڪيشن کي مڪمل طور رد ڪندي پنهنجي قانوني ليوانڪشمنٽ عيد گريشيا جو مطالبو ڪيو. سنڌ يونيورسٽي جي سڀني ملازمن ڊيوٽين جو مڪمل طور بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي جا ڊپارٽمينٽ ۽ آفيسون ويران ٿي ويون ملازمن اڳواڻن جو چوڻ هو ته  سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته اهي سڀ وي سي محمد صديق ڪلھوڙو مان بيزار ٿي چڪا آهن، هاڻ وائيس چانسلر کي اخلاقي طور هتان وڃڻ گهرجي. ان موقعي تي سيوا صدر ۽ فيڊريشن چيئرمين محمد علي گهانگهرو، ذوالفقار علي رستماڻي، اشتياق حسين ارباب، امداد کوسو، يار محمد لغاري، سهراب برفت، رستم چانڊيو، غلام مجتبا ڀٽو، شمعون مسيح، اڪبر نندواڻي، محمد نواز ڏاهاڻي، نديم ميرجت، احمد نواز بلوچ، نعيم سهتو سيد گمبل شاھ، اسحاق ڳن، رشيد احمد شورو، سليم لاکو، جان محمد ڏاهاڻي، نجف علي سومرو شامل هئا جن جو چوڻ ھوته يونيورسٽي جو موجوده وائيس چانسلر هاڻ بوکلاٽ جو شڪار ٿي چڪو آهي، موجوده وائيس چانسلر يونيورسٽي کي پنهنجي انا ۽ ضد جي ور چاڙھي ڇڏيو آهي، ھن وقت وائيس چانسلر ملازمن، استادن ۽ آفيسر سان دشمني ڪندي سڀني جي عيد گريشيا روڪي ڇڏي آهي، جيڪا 10 سالن کان ملازمن، استادن ۽ آفيسرن کي ملندي پئي اچي ۽ ملازمن جا جائز مسئلا روڪي ڇڏيا آهن، سليڪشن بورڊ ۾ استادن ۽ آفيسرن سان ناجائيزيون ڪيون آهن، فوتي ملازمن ۽ رٽائر ملازمن جا پئسا روڪي ڇڏيا آهن، جنهن ۾ اڄ سوين ملازم ڀائرن ۽ استادن جي احتجاج ۾ شرڪت ڪري وچن ڪيو ته اسان سڀ سيوا ۽ استادن سان گڏ هونداسين، انهي موقعي تي  ۽ اسان جي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ  منسٽر يونيورسٽيز محمد اسمايل راهو  پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي چئيرمين غلام قادر چانڊيو ۽ سنڌ جي سياسي سماجي ڌرين کي گذارش آهي ته ان جو نوٽس وٺن. ھوڏانھن مھراڻ يونيورسٽي جي ڄامشورو جي ملازمن ليوانڪيشمينٽ ۽ الائونس نه ملڻ خلاف ڪيترن ئي ملازمن ايڊمن بلاڪ جي سامھون احتجاجي مظاھرو ڪندي ڌرڻو ھنيو ان موقعي تي اڳواڻن علي محمد شورو  احمد ڪوريجو يارمحمد لاشاري ھاشم ڏاھاڻي سومار رند سميت ٻين چيو ته انتظاميا بلاجواز ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ بجاء انھن کي اينگھائي رھيو آھي جيڪو ملازمن سان سراسر زيادتي آھي ھنن مطالبو ڪيو ته ملازمن کي ليوانڪيشمينٽ سميت ٻيا مسئلا جلد حل ڪري ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ـاحتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں